لنڊن(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جو چوڻ آهي ته ڊيلي ميل جي معافي کانپوءِ عمران خان، سندس پارٽي ۽ شهزاد اڪبر کي پنهنجو سر جهڪائڻ گهرجي.لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي شهباز شريف تي ڪوڙا الزام هنيا، سڀ کان وڏي برطانوي اخبار ڊيلي ميل ثبوت نه هجڻ تي معافي گهري آهي. هن چيو ته شهباز شريف تي مني لانڊرنگ، ڪرپشن، ڪميشن ڪڪ بیکس جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا، شهباز شريف تي فنڊن ۽ عهدن جي غلط استعمال جا ڪوڙا الزام لڳايا ويا.نواز شريف چيو ته نيشنل ڪرائم ايجنسي الزامن جي جاچ ڪري شهباز شريف کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي آهي، برطانيه ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت آهي نه تحريڪ انصاف جي، برطانيا آزاد جمهوري ملڪ آهي جنهن جي حڪمراني عوام تي آهي.هن چيو ته ملڪ چئي رهيو آهي ته هن ملڪ جي اخبار معافي گهري، ڪنهن جي بيگناهي جو ان کان وڏو ثبوت ڪهڙو هوندو؟ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته جسٽس شوڪت صديقي جج ارشد ملڪ کي ڇا چيو، پاڻ ثاقب نثار جو آڊيو ليڪ ٿيو، اهي سڀ اسان جي بيگناهي جا ثبوت آهن، مريم نواز جي حق ۾ فيصلو به ثبوتن جي بنياد تي ڏنو ويو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عمران خان تي ڪرپشن جا ڪي به الزام ناهن، ڪرپشن ثابت ٿي چڪي آهي، ٻارن جي زبان تي توشاخانا چوري جون ڪهاڻيون آهن.










