اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)معيشتن جي درجابندي ڪندڙ عالمي اداري موڊيز پاڪستان جي قرض وٺڻ جي ريٽنگ سي اي اي ون مان گهٽ ڪري سي اي اي ٿري ڪري ڇڏي.موڊيز موجب پاڪستان ۾ ناڻي مٽاسٽا جي کوٽ ۽ ٻاهرين صورتحال سان ڊيفالٽ جو خطرو وڌيو آهي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت جي رپئي ۽ پرڏيهي ڪرنسي ۾ قرض وٺڻ جي ريٽنگ گهٽ ڪئي وئي آهي.










