ميلبورين(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پنهنجي ٻي ميچ افغانستان سان کيڏندي، جنهن ۾ بيٽسمين ڊيرل مچل جي واپسي جو امڪان آهي.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته ڊيرل مچل فٽنس مسئلن جو شڪار آهي، هن آسٽريليا خلاف پهرين ميچ کيڏي نه هئي.ڊيرل مچل پاڪستان ۽ بنگلاديش خلاف ٽي ملڪي سيريز جي ميچ به نه کيڏيو هو.










