ڊيرا مراد جمالي ۾ قيدي وين تي حملو، قيدي قتل، 3 اهلڪار زخمي

ڊيرا مراد جمالي ۾ قيدي وين تي حملو، قيدي قتل، 3 اهلڪار زخمي

ڊيرا مراد جمالي (ويب ڊيسڪ)ڊيرا مراد جمالي ۾ ڊسٽرڪٽ جيل جي قيدين جي وين تي هٿياربندن جو حملو، هڪ قيدي مارجي ويو، 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي وين تي حملي ۾ قيدي نظر محمد جمالي مارجي ويو ۽ هڪ قيدي زخمي ٿي پيو، 3 پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ سهڻو جکراڻي مارجي ويو ۽ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو، 3 جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس زخمي ٿيل پوليس اهلڪارن، هڪ قيدي ۽ جوابدار کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو