سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ)نيشنل هاء وي تي ڊيرا غاري خان کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل کي بچائيندي ٻنيءَ ۾ بيٺل فصلن ۾ لهي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور صابر حسين موقعي تي فوت ٿي ويو.

جڏھن ته بس جي ڇت تي ننڊ پيل ڊرائيور بلال سميت مسافر عطر ،۽ شان زخمي ٿي پيا آھن . زخمين کي همدرد فري ايمبولينس ذريعي تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچايو ويو .










