ڊوني ين جي آسڪر واري ميزباني خطري ۾ پئجي وئي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)اسٽار وارز اسٽار ڊوني ين جي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا سان ويجهن لاڳاپن سندس آسڪر ايوارڊز جي ميزباني کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.59 سالن جي اداڪار کي هن سال جي 95 هين اڪيڊمي ايوارڊز تقريب جي ميزباني لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر هاڻي هڪ آن لائين درخواست ذريعي ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته کيس آسڪر ايوارڊز جي ميزباني تان هٽايو وڃي.آن لائن درخواست هن کي 13 مارچ تي ايوارڊ تقريب جي ميزباني کان هٽائڻ جو مطالبو ڪندي ، هن جي بيانن کي چيني ڪميونسٽ راڄ جي حامي طور بيان ڪيو.درخواست ۾ سندس تازو بيان به شامل آهن جن ۾ هن هانگ ڪانگ ۾ 2019 دوران جمهوريت نواز احتجاج تي تنقيد ڪندي چيو ته اهو احتجاج نه پر فساد هو.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊوني ين جا ريمارڪس نه رڳو اظهار جي آزادي جي نفي ڪن ٿا پر هانگ ڪانگ جي عوام جي جمهوريت ۽ آزادي لاءِ جدوجهد جي حق کان به انڪار ڪن ٿا.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن آسڪر ڪميٽي اهڙن ماڻهن کي گيسٽ پريزينٽر طور دعوت ڏئي ٿي ته ان سان نه رڳو فلم انڊسٽري جي ساک خراب ٿيندي پر انساني حقن ۽ اخلاقي قدرن کي به سخت نقصان پهچندو.اداڪار ڊوني ين جي خلاف هڪ آن لائن درخواست ڇنڇر تي هانگ ڪانگ ۾ ڪجهه ماڻهن طرفان شروع ڪئي وئي جنهن ۾ هن وقت تائين 84 کان وڌيڪ ماڻهن ان درخواست تي دستخط ڪري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو