ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ،گرفتار ڪرڻ جا امڪان

ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ،گرفتار ڪرڻ جا امڪان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ نئين تاريخ رقم ٿي وئي آهي، اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ هو پهريون آمريڪي صدر بڻجي ويو آهي، جنهن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب خميس ڏينهن نيويارڪ ۾ مين هٽن گرانڊ جيوري ڊونلڊ ٽرمپ تي 2016ع جي اليڪشن مهم دوران معاملا لڪائڻ لاءِ فحش فلمن جي اداڪارا اسٽارمي ڊينيئلز کي رقم ادا ڪرڻ جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو جوري جي ووٽنگ کانپوءِ ڪيو ويو، پراسيڪيوٽر جي آفيس سان گڏ ٽرمپ کي طلب ڪيو ويو ته هو پاڻ کي گرفتاري لاءِ داخل ڪري. اهو آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته ڪنهن موجوده يا اڳوڻي صدر کي فوجداري الزامن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.فرانسيسي خبر رساں اداري اي ايف پي موجب نيويارڪ جي پراسيڪيوٽر خميس تي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تصديق ڪئي.منهٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني آفيس اڳوڻي صدر جي خلاف الزامن جي جاچ ڪري رهي هئي ته هن مبينا طور تي فحش فلمن جي اداڪارا اسٽارمي ڊينيئلز کي معاملا لڪائڻ لاءِ رقم ادا ڪئي، جيڪا 2016 جي صدارتي اليڪشن کان وٺي هئي.رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 2016 جي چونڊن کان اڳ، ٽرمپ جي اڳوڻي ذاتي وڪيل مائيڪل ڪوهن 2006 ۾ ڊونلڊ ٽرمپ سان سندس مبينا لاڳاپن بابت خاموش رهڻ لاءِ اسٽارمي ڊينيئلز کي 130,000 ڊالر ادا ڪيا.ڪوهن 2018ع ۾ وفاقي عدالت ۾ ڏوهه قبول ڪيو هو ۽ اسٽرمي ڊينيئلز ۽ ماڊل ڪيرين ميڪڊوگل کي رقم ادا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس ٽن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ صدر هو، سندس خلاف جاچ شروع ڪئي وئي هئي پر مٿس ڪو به الزام ناهي آيو.ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس اسٽارمي ڊينيئلز سان ڪو به لاڳاپو ناهي.اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ سان لاڳاپيل اها ڪارروائي هڪ اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي جڏهن ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي اميدوار بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ آهي. اهو عمل آمريڪي سياسي نظام ۾ هڪ وڏو طوفان پيدا ڪرڻ جو خطرو آهي. آمريڪي صدارتي چونڊون ايندڙ سال ٿي رهيون آهن ۽ اڳوڻي صدر ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته هو 2024ع جي چونڊن لاءِ به پنهنجي مهم جاري رکندو جيتوڻيڪ مٿس ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳندا. رپورٽ موجب فرد جرم بعد ٽرمپ تي ڏنڊ پئجي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿيو ته ٽرمپ کي وڌ ۾ وڌ چار سال جيل جي سزا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪجهه قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏنڊ وڌيڪ ممڪن آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايندڙ هفتي جيوري آڏو پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو