ڊونلڊ ٽرمپ بيجنگ پهچي ويو، چين پاران شاندار استقبال

ڊونلڊ ٽرمپ بيجنگ پهچي ويو، چين پاران شاندار استقبال

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)صدر ڊونلڊ ٽرمپ اربع ڏينهن بيجنگ پهتو آهي جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ نائب صدر هين زينگ استقبال ڪيو.  صدر ٽرمپ ٻن ڏينهن واري سربراهي اجلاس جي شروعات تي چين جي صدر شي جنپنگ کان آمريڪي ڪاروبار لاءِ چين کي “کولڻ” جي درخواست ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو. ٽرمپ سان گڏ ٽيسلا جو ايلون مسڪ، بوئنگ جو سربراهه ڪيلي اورٽبرگ ۽ اينويڊيا جو جينسن هوانگ به شامل آهن.
ٽرمپ 2017 بعد ٻيهر چين جي دوري تي پهتو آهي، هو پهرين دوري دوران ڪجهه معاشي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۽ ايران سان جنگ سبب متاثر ٿيل عوامي مقبوليت کي سهارو ڏيڻ لاءِ نازڪ واپاري جنگبندي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔
اربع ڏينهن شام وقت جڏهن هو ايئر فورس ون مان لٿو ته چيني معزز شخصيتن، فوجي اعزازي گارڊ جي منظم قطار ۽ آمريڪي ۽ چيني جهنڊا لوڏيندڙ درجنين چيني شاگردن سندس استقبال ڪيو۔
ڳاڙهي قالين تي اڌ رستي ۾ بيهي، جڏهن شاگرد مينڊرين ٻوليءَ ۾ “ويلڪم، ويلڪم، وارم ويلڪم” جا نعرا هڻي رهيا هئا، تڏهن هن هوا ۾ مُڪو بلند ڪيو ۽ کلي مُرڪ سان پنهنجي ليموزين ڏانهن وڌيو.
ٽرمپ سان گڏ ويندڙ سي اي اوز گهڻو ڪري انهن ڪمپنين مان آهن جيڪي چين سان ڪاروباري مسئلا حل ڪرڻ چاهين ٿيون، جهڙوڪ Nvidia، جيڪا پنهنجي طاقتور H200 مصنوعي ذهانت چپس چين ۾ وڪڻڻ لاءِ ضابطن واري اجازت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي۔
رائٽرز ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ٽرمپ آخري لمحي تي هوانگ کي دوري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو، ۽ کيس بيجنگ ويندي الاسڪا ۾ تيل  ڀرائڻ واري وقفي دوران ايئر فورس ون ۾ چڙهندي ڏٺو ويو. بي بي سي موجب ايپل جو سي اي او ٽم ڪڪ، ٽرمپ جو پٽ ايرڪ، ۽ بليڪ راڪ جو سربراهه ليري فنڪ به وفد ۾ شامل آهن. بي بي سي جي رپورٽ موجب 2022 ۾ آمريڪا ۽ چين جو ٻطرفو واپار جيڪو 690 ارب ڊالر جو هو اهو گهٽجي 414.7 ارب ڊالر ٿي ويو آهي.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي پوسٽ ڪندي چيو، “مان صدر شي، جيڪو غيرمعمولي حيثيت وارو اڳواڻ آهي، کان درخواست ڪندس ته چين کي ‘کولي’ ته جيئن اهي ذهين ماڻهو پنهنجو ڪمال ڏيکاري سگهن.”
هن وڌيڪ چيو، “مان اها ئي پنهنجي پهرين درخواست بڻائيندس.”
ٽرمپ جي پوسٽ بابت سوال تي چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوئو جياڪُن چيو ته بيجنگ “تعاون وڌائڻ، اختلافن کي سنڀالڻ ۽ افراتفري واري دنيا ۾ وڌيڪ استحڪام ۽ يقين پيدا ڪرڻ” لاءِ تيار آهي۔
جڏهن ٽرمپ شاندار تقريبن جي تياري ڪري رهيو هو، تڏهن سندس واپاري ڳالهين وارو نمائندو ۽ ناڻي وارو وزير اسڪاٽ بيسينٽ ڏکڻ ڪوريا ۾ چيني عملدارن سان ٽن ڪلاڪن تي ٻڌل تياري وارين ڳالهين کي مڪمل ڪيو۔ چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي شنوانيوز ايجنسي انهن ڳالهين کي “کليل، گهري ۽ تعميري” قرار ڏنو، پر عملدارن وڌيڪ تفصيل نه ڏنا۔
ٽرمپ جي ٻن ڏينهن واري ملاقاتن ۾ ’گريٽ هال آف پيپل‘۾ شاندار استقبال، بيجنگ جي 600 سال پراڻي يعني بهشتي مندر Temple of Heaven جي دوري ۽ سرڪاري ضيافت شامل هوندي۔
واپار کان علاوه ڳالهين ۾ ايران واري جنگ کان وٺي تائيوان کي آمريڪي هٿيارن جي وڪري تائين ڪيترائي حساس موضوع شامل هوندا۔ چين، جمهوري نظام هيٺ هلندڙ ٻيٽ تائيوان کي پنهنجي علائقي جو حصو سمجهي ٿو۔
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٽرمپ چين کي تهران تي زور ڀرڻ لاءِ چوندو ته هو واشنگٽن سان معاهدو ڪري تڪرار ختم ڪري، جيتوڻيڪ ٽرمپ چيو آهي ته کيس نٿو لڳي ته ان لاءِ چين جي مدد جي ضرورت پوندي۔
چين اربع ڏينهن ٻيهر تائيوان کي آمريڪي هٿيارن جي وڪري جي سخت مخالفت ڪئي، جڏهن ته 14 ارب ڊالرن واري پيڪيج جي منظوري بابت صورتحال اڃا واضح ناهي۔
آمريڪا قانوني طور تائيوان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جا وسيلا فراهم ڪرڻ جو پابند آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي وچ ۾ رسمي سفارتي لاڳاپا موجود ناهن۔ چين جمهوري طريقي سان هلندڙ هن ٻيٽ کي پنهنجي علائقي جو حصو قرار ڏئي ٿو۔
بيسنٽ جون ڏکڻ ڪوريا ۾ تياريون
جڏهن ٽرمپ ايئر فورس ون ۾ ڪاروباري اڳواڻن سان گڏ هو، تڏهن بيسنٽ ڏکڻ ڪوريا جي انچيون ايئرپورٽ تي چين جي نائب وزيراعظم هي ليفينگ سان واپاري ڳالهين جو تازو دور ڪيو۔
هڪ آمريڪي عملدار موجب اهي ڳالهيون لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيون ۽ شام 4 وڳي کان ٿورو اڳ ختم ٿيون۔
ٻئي ڌريون گذريل آڪٽوبر ۾ ٿيل جنگبندي برقرار رکڻ چاهين ٿيون، جنهن تحت ٽرمپ چيني شين تي سؤ سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيرف معطل ڪيا هئا ۽ شي عالمي سطح تي ناياب معدنيات جي فراهمي روڪڻ واري قدم کان پوئتي هٽي ويو هو۔ اهي معدنيات برقي گاڏين کان وٺي هٿيارن تائين مختلف شين جي تياري لاءِ اهم آهن۔
آمريڪي عملدارن موجب، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ مصنوعي ذهانت بابت ڳالهين جي حمايت لاءِ فورمن تي به بحث متوقع آهي، جڏهن ته واشنگٽن چين کي بوئنگ جهاز، زرعي شيون ۽ توانائي وڪڻڻ چاهي ٿو ته جيئن واپاري خسارو گهٽائي سگهجي، جيڪو ڊگهي عرصي کان ٽرمپ لاءِ پريشاني جو سبب رهيو آهي۔
ٻئي طرف، بيجنگ چاهي ٿو ته آمريڪا چِپ ٺاهڻ واري سامان ۽ جديد سيميڪنڊڪٽرز جي برآمد تي لڳايل پابنديون نرم ڪري۔
ٽرمپ اهي ڳالهيون ڪمزور پوزيشن سان شروع ڪري رهيو آهي۔
عدالتن سندس ان صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏيو آهي ته هو چين ۽ ٻين ملڪن مان ايندڙ برآمدات تي پنهنجي مرضي سان ٽيرف لاڳو ڪري سگهي۔
ايران واري جنگ آمريڪا اندر مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي ۽ اهو خطرو به وڌايو آهي ته نومبر جي وچ مدي وارين چونڊن ۾ ٽرمپ جي ريپبلڪن پارٽي قانونساز ادارن مان هڪ يا ٻنهي تي ڪنٽرول وڃائي سگهي ٿي۔
جيتوڻيڪ چيني معيشت سست رفتاري جو شڪار آهي، پر صدر شي کي اهڙو معاشي يا سياسي دٻاءُ درپيش ناهي۔
بيجنگ ۾ قائم جيوپوليٽيڪل مشاورتي اداري ووساوا ايڊوائزري جي باني ۽ سي اي او ليو چيئن چيو، “ٽرمپ انتظاميا کي هن ملاقات جي چين کان وڌيڪ ضرورت آهي، ڇو ته اها آمريڪي ووٽرن کي ڏيکارڻ چاهي ٿي ته معاهدا ٿي رهيا آهن ۽ پئسو ڪمائجي رهيو آهي.”
جڏهن ته ٽرمپ پنهنجي ۽ شي جي ذاتي لاڳاپن ۽ چين لاءِ احترام جي واکاڻ ڪئي آهي، پر بيجنگ جي ڪيترن ئي رهواسين رائٽرز کي ٻڌايو ته هو سندس دوري کي اميد ۽ شڪ جي گڏيل نظر سان ڏسن ٿا۔
تيل جي واپار سان لاڳاپيل 44 ورهين جي لو هُويليان اربع ڏينهن ڪم تي ويندي هڪ ميٽرو اسٽيشن ٻاهران چيو، “مون کي خبر ناهي ته هو واقعي سنجيده آهي يا نه.”
هن وڌيڪ چيو، “پر هڪ چيني ۽ واپار سان لاڳاپيل ماڻهو طور، مان صرف اها اميد ڪريان ٿي ته هن مان ڪي سٺيون پاليسيون نڪري اچن.”

پهنجو تبصرو موڪليو