ڊفالٽ جو خدشو ختم، رپئي تي دٻاءُ هڪ ٻن هفتن ۾ ختم ٿي ويندو: مفتاح

ڊفالٽ جو خدشو ختم، رپئي تي دٻاءُ هڪ ٻن هفتن ۾ ختم ٿي ويندو: مفتاح

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڊيفالٽ جا خدشا ختم ٿي ويا آهن، پاليسي ساز به ان ڳالهه کان آگاهه آهن. هڪ انٽرويو ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته رپئي جو دٻاءُ هڪ ٻن هفتن ۾ ختم ٿي ويندو، پاڪستان ۾ ڊالر جي آمد جلد آئوٽ فلو کان وڌي ويندي ۽ مٽا سٽا جي شرح مستحڪم ٿيندي.هن چيو ته ڊيفالٽ جا خدشا ختم ٿي ويا آهن ۽ پاليسي ٺاهيندڙن کي به اها خبر آهي، جلد پاليسي پلان جوڙيو ويندو، 3 مهينن ۾ درآمدات گهٽ ٿينديون ۽ برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض هفتي ۾ پورو ٿي ويندو، آءِ ايم ايف جا ڊائريڪٽر پهرين کان 15 آگسٽ تائين موڪلن تي آهن، ان ڪري اجلاس ۾ دير ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ دوست ملڪ ڊالر جي ذخيرن جي درخواست ڪئي هئي پر دوست ملڪ اها درخواست رد ڪندي چيو ته قرض اڳ ڪڏهن به ادا نه ڪيو ويو هو، پوءِ دوست ملڪ سرڪاري ادارن ۾ شيئرز خريد ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. اي دوست ملڪ اسان جي مدد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان کي سٺي ڊيل ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو