ڊرگھ بالا،شهر واسين جو چئيرمين خلاف مظآھرو

ڊرگھ بالا (روپورٽ جي,ايم لنڊ)ڊرگھ بالا ھآء اسڪول محلي جي راھواسين محلي ۾ ڊرينج سسٽم نه ھئڻ ۽ گھٽي سي سي بلاڪ نه ٿيڻ جي ڪري محلا واسين جو يوسي ڊرگھ بالا جي چئيرمين خلاف,حاجي رزاق لنڊ, عبدالحڪيم ٻٻر,حاجي احمد ڊکڻ لياقت ڊکڻ شوڪت جي آڳواڻي ۾ محلا جي گھٽي اڳيان مظآھرو,ان موقعي تي محلا واسين صحافين سان ڳالھآئيندي چيو ته اسان پنجٽيھ سالن کان ھآء اسڪول محلا ۾ رھندڙ آھيون,تنھن جي باوجود به اسان جي محلي کي ڪابه زندگي جي بنيادي سھولت نه ملڻ جي ڪري اسان سورن ۾ اچي ويا آھيون ايتري حد تائين جو يوسي چئيرمين ماھوار پنج لک روپين جي بجيٽ ۽ ٻين فنڊن جي بجيٽ ملڻ جي باوجودبه اسان جي محلي توڙي شھر جي ٻين محلن جي گھٽين ۾ ڊرينج نيڪال سسٽم ناليون توڙي محلن جون گھٽيون پڪيون ڪرڻ بجاء يوسي جي سڄي بجيٽ,پنھنجي ٻه جريبن ۾ وڏي پڪي جاء ٺھرائڻ۾ خرچ ڪري رھيو آھي ۽ ڪافي دفعا اسان پنھنجي محلا جي گھٽي پڪي ۽ پڪي نالي ٺھرائڻ لاء چيو جنھن تي ھن اسان کي گھٽيا لفظ,استعمال ڪري واپس ڪري ڇڏيو,,ھنن چيو ته گھٽي ۾ نيڪال سسٽم نه ھئڻ ڪري گندو پاڻي ھروقت گُھرن اڳيان بيھڻ ڪري نماز جا صاف ڪپڙا اڪثر خراب گندو پاڻي لڳڻ ڪري نماز ادا نٿا ڪري سگھون,جڏھن ته محلي ۾ گندگي ۽ خراب پاڻي جي بيھڻ ڪري اڪثر پيرسن معصوم ٻار نوجوان توڙي عورتون مڇرن جي آزار ڪري مليريا جھڙي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا رڻ لڳا,ھنن يوسي جي ڪرپشن خلاف نيب چئيرمين ۽ وزيراعلي سنڌ,۽ٻين اختيارين کان ڪاروائي جي گھر ڪندي ھآء اسڪول محلا جون گھٽيون پڪيون ڪرائڻ سان گڏ نيڪال سسٽم ناليون ٺھرائڻ جو مطالبو ڪيو,

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو