ڊرگھ بالا (روپورٽ جي,ايم لنڊ)ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا لغآري ۽ سندس ڇآڙڪن جا ڪلور ڪاڇي جي مختلف واٽر سپلاء توڙي آر او پلانٽن تي قبضا ڪاڇي جي حآجي خان قبرستان واري واٽر سپلاء اسڪيم کي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغآري پنھنجي ذاتي ملڪيت سمجھي اتان جي زميندار کي سالياني ٻارنھن لکن جي ٺيڪي عيوض زمين آباد ڪرڻ ڏئي ڇڏي ,ڪاڇي جي ڳوٺ قصبو جي واٽر سپلاء تي پڻ ايم پي اي ڇاڙڪي ۽ يوسي ٽوڙ جي چئيرمين جبار لغآري جو قبضو برقرار ڳوٺآڻن کي پئيڻ جو پاڻي ڏيڻ بجاء سوين ايڪڙ پنھنجي ذاتي زمين تي فصل ڪرڻ لاء مخصوص ڪري ڇڏي,جنھن سبب پنج ھزار جي آبادي رکندڙ ڳوٺ قصبو جا راھواسي پئيڻ جھڙي پاڻي جي نعمت کان محروم ڪاڇي جي ڳوٺ بري جي ٺھيل سرڪاري واٽر سپلاء اسڪيم تي پڻ ساڳئي ايم پي اي جي ڇاڙڪي اعجاز لغآري قبضو ڪري ڳوٺآڻن کي پئيڻ جو پاڻي ڏيڻ بجاء, پنھنجي ذاتي زمين آباد ڪرڻ سبب, ڳوٺآڻا پاڻي جي ڍڪ لاء تڙپڻ لڳا,۽ ڪوھن جا ڪوھ سفر ڪري پئيڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھين,ڳوٺ جلب لغاري جي سولر واٽر سپلاء اسڪيم تي بااثر سڪندر لغآري قبضو ڪري,ڇڏيو,سوين ڳوٺآڻا پاڻي جھڙي سھولت کان محروم آھين ۽ ڪاڇي جي انھن ڳوٺن جا راھواسي مختلف سوارين ۽ پيادل ڪلوميٽرن جا ڪلوميٽر ,صبح کان ويندي شام تائين پاڻي جي تلاش ۾ نڪري ٿا جنھن سبب زندگي جياپي پاڻي جي تلاش ۾ سمورو ڏينھن ضايع ٿيڻ جي ڪري پنھنجن گھرن وارن ڀاتين ۽ٻچن جي روزي ڪرڻ کان قاصر بڻيل آھين ڪاڇي جي سياسي سماجي ڌرين حآجي غلام قادر لغآري,عطاالله کچي عنايت لغآري نصير لغآري,جيت فقير کچي ۽ٻين چيف جسٽس اف پاڪستان نيب جي ڊآئريڪٽر سنڌ ھآء ڪورٽ جي جسٽس کان ڪاڇي جي انھن ڳوٺن جي وثر سپلاء اسڪيمن تي مخصوص سيٽ واري ايم پي اي ۽ سندس ڇاڙڪن کان قبضا ڇڏرائي جانچ جو مطالبو ڪيو,,,










