اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي آدمشماري بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. سڄي ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل مردم شماري ٿي رهي آهي پر سنڌ حڪومت مردم شماري تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سڀاڻي هو وزيراعظم سان آدمشماري بابت تفصيلي ملاقات ڪندو، هن وقت تائين ڪو به يقين نه ٿو اچي ته مردم شماري جو ڪم بهتر نموني هلي رهيو آهي.










