ڊاڪٽر وڪيل ڀائي ڀائي، ڪراچي ۾ وڪيلن جو مظاهرو

ڊاڪٽر وڪيل ڀائي ڀائي، ڪراچي ۾ وڪيلن جو مظاهرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لاهور ۾ دل جي مرضن واري اسپتال ۾ وڪيلن پاران ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، ڊاڪٽرن، عملي توري مريضن کي مارڪٽ ڪرڻ خلاف ڪالهه ڪراچي هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن ڪلفٽن جي 3 تلواري وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ وڪيلن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن وڪيل ڊاڪٽر ڀائي ڀائي ۽ اسپتال تي حملي جي مذمت سميت ٻيا نعرا لکيل هئا.

ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙي عمل ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته وڪيل برادري هميشه ظلم جي خلاف آواز اٿاريو آهي. هنن چيو ته اسپتال تي حملي ۾ ملوث وڪيلن خلاف پڻ سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو