ڊاڪٽر قادرمگسي جي حفاظتي ضمانت منظور

ڊاڪٽر قادرمگسي جي حفاظتي ضمانت منظور

حيدرآباد (ن سنڌيار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر قادرمگسي جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ وڪيل معرفت ڊاڪٽر قادر مگسي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي جنهن جي ايڊووڪيٽ ماما يوسف لغاري ۽ محمد سچل اعواڻ معاونت ڪئي. جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزن بئنچ چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي کي ٽن ڪيسن مان 25,25 هزار رپين جامچلڪا ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي حفاظتي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اي ايس پي ڪينٽ اياز حسين جي سربراهي ۾ پوليس عدالت ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي بيٺل رهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ مان حفاظتي ضمانت ڪرائڻ به ڊاڪٽر قادر مگسي سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن لاڳاپيل اي ٽي سي ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائيندو. ڊاڪٽر قادر مگسي سان عدالت ۾ پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد سومرو, حيدر شاهاڻي, قادر چنا سميت ڪارڪن رياض لاکو, راڻا ملتان ٺاڪر ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ گڏ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو