دوحه(ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس خليل الحيه کي پنهنجو نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب، حماس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر خليل الحيه کي تحريڪ جي سياسي آفيس جو نئون سربراهه چونڊيو ويو آهي.حماس موجب، ڊاڪٽر خليل الحيه يحيٰ سنوار جي جانشين طور ذميواريون سنڀاليندو.1960ع ۾ غزه ۾ پيدا ٿيندڙ خليل الحيه 1987ع ۾ حماس جي قيام کان ئي تنظيم جو حصو آهي.خليل الحيه گذريل سال حماس جي اهم اڳواڻن اسماعيل هنيه، يحيٰ سنوار ۽ عسڪري (فوجي) ڪمانڊر محمد الضيف جي شهادت کانپوءِ تنظيم ۾ نمايان حيثيت اختيار ڪري ويو هو.واضح رهي ته حماس جو اڳوڻو سربراهه يحيٰ سنوار آڪٽوبر 2024ع ۾ اسرائيلي فورسز سان بهادريءَ سان وڙهندي شهادت جو ڄام پي ويو هو.










