اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن 6 هفتا آرام جو مشورو ڏنو آهي.جرمن ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته صحتياب ٿيڻ ۾ 4 هفتا لڳي سگهن ٿا.سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت سبب موجوده حڪومت سڀ کان وڌيڪ ڌمڪيون ڏنيون، موجوده حڪومت مون کي هٽائڻ چاهي ٿي.عمران خان جو چوڻ آهي ته مون کي هڪ سازش تحت هٽايو ويو، سندن مقصد مون کي رستي تان هٽائڻ آهي.هن چيو ته مون کي منهنجي خلاف سازش جي خبر آهي، اهو سڀ 2 مهينا اڳ شروع ڪيو ويو هو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو اهو به چوڻ آهي ته مذهب جي بنياد تي مون کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي يقين آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ منهنجي پارٽي ڪاميابي ماڻيندي.










