ڊاڪٽرن جي غفلت، ويم دوران عورت ۽ بخار ۾ ٻارڙي فوت

ميروخان/ جيڪب آباد(نمائندن وٽان) ڳوٺ نئون ٺارو وڌو جي رھواسي مرحوم پوليس اھلڪار ھمت علي کيڙو جي 5 سالا معصوم نياڻي شفا کيڙو ميرو خان جي عطائي ڊاڪٽر جي مبينه لاپرواهي سبب فوت ٿي وئي. جڏهن ته جيڪب آباد ۾ ويم دوران عورت دل جي دوري سبب فوت ٿي وئي، ڊاڪٽرياني فون تي مصروف رهي. وارثن پاران ڊاڪٽرن تي غفلط ۽ لاپرواهي جو الزام لڳايو ويو آهي. ميرو خان مان صدام حسين چانڊيو موجب معصوم شفا کي تيز بخار ھئڻ سبب علاج لاءِ ميروخان شھر ۾ عطائي ڊاڪٽر الله ڏنو ميراڻي وٽ آندو ويوعطائي ڊاڪٽر پاران تيز بخار ۾ انجيڪشن هڻڻ سبب ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي. فوت ٿي ويل ٻارڙي جي مامي جانب کيڙو جي فرياد تي ميروخان ٿاڻي تي عطائي ڊاڪٽر خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي. هوڏانهن معصوم شفا کيڙو  ٻارڙي جو لاش ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ۾ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي .آخري اطلاعن تائين عطائي ڊاڪٽر کي پوليس طرفان گرفتار نه ڪيو ويو هو.*** ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (جمس) ۾ اي ڊي سي ڪالوني جي رھواسڻ منظوران زال سمندر ڀٽي کي ويم لاءِ داخل ڪرايو ويو، آپريشن دوران هن ٻار کي جنم ڏنو، جڏهن ته آپريشن جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ هو فوت ٿي وئي. وارثن ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام لڳائيندي جمس اسپتال آڏو ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باھيون ڏيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي فوتي عورت جي مڙس سمندر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي گھرواري جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، مون ڊاڪٽرياڻي کي آگاھ ڪيو پر ھوءَ موبائيل فون تي ڳالھائڻ ۾ مصروف رھي، جنهن سبب منهنجي گھر واري تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. جمس اسپتال انتظاميا جي نااهل عملي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو. روڊ بلاڪ ھئڻ سبب ڊي ايس پي سٽي غلام محمد چنا پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون ۽ انصاف جي خاطري ڪرائي. جنهن کانپوءِ مظاھرين احتجاج ختم ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي جمس اسپتال جي ڊائريڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ روزاني سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر افشان ۽ ڊاڪٽر صائمه جمالي تي غفلت ڪرڻ جا الزام آهن، ان لاءِ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. مون کي ٻڌايو ويو ته عورت دل جي دوري سبب فوت تي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو