ڊاڪٽرن جي بي حسي،علاج نه ٿيڻ سبب نينگر فوت،وارثن جو احتجاج

ڊاڪٽرن جي بي حسي،علاج نه ٿيڻ سبب نينگر فوت،وارثن جو احتجاج

نوشھرو فيروز(ن س)ٺاروشاھ رورل ھيلٿ سينٽر ۾ معصوم نينگر علاج نه ٿيڻ جي ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو وارثن جو ايم ايس ۽ ڊيوٽي انچارج خلاف احتجاج ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ ساجن سيال جو رھواسي معصوم نينگر اسد پٽ حسن سيال ٽيوب ويل مشين ڪرڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن فوري رورل ھيلٿ سينٽر ٺاروشاھ نيو ويو اسپتال ۾ ڊاڪٽر ۽ عملو موجود نه ھجڻ ڪري نينگر زخمن جا سور نه سھندي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنھن تي وارٽن جو مبارڪ سيال حسن سيال ۽ ٻين اسپتال جي در تي ايم ايس ڊالٽر تميز دين ميمڻ ڊيوٽي انچارج ڊاڪٽر وجي ڪمار خلاف سخت احتجاج ڪندي نعري بازي ڪئي ھنن چيو ته چار ٻن ڪلاڪن کان ڊاڪٽر ناھين طبي امداد نه ملڻ سبب اسان جو نينگر فوت ٿي ويو جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري ڊاڪٽر ۽ ايم ايس خلاف ڪاروائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو