ڊان جي ايڊيٽر ظفر عباس کي پريس فريڊم ايوارڊ سان نوازيو ويو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽس جرنلسٽس (سي پي جي) ڊان جي ايڊيٽر ظفر عباس جي آزادي صحافت لاءِ جدوجهد ۽ مسلسل ڪاميابين جو اعتراف ڪندي ان کي گوين ايفل پريس فريڊم ايوارڊ 2019 سان نوازيو ويو. نيويارڪ ۾ منعقد تقريب ۾ آمريڪي صحافي ليسٽير هولٽ ظفر عباس کي گوين ايفل پريس فريڊم ايوارڊ 2019 سان نوازيو. ان موقعي تي ليسٽير هولٽ چيو ته ظفر عباس کان وڌيڪ ٻيو ڪو ماڻهو هن اعزا جي اهل ناهي. ٻئي طرف تقريب کي خطاب ڪندي ظفر عباس بطور صحافي پنهنجي ذاتي سفر، پاڻ کي ۽ ڊان کي پيش ايندڙ چئلنجن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. هن چيو ته مان سچ ٻڌائڻ جي ڪوشش ۾ تقريبن 40 سال گذاريا صحافت هٿيار نه پر سچي رپورٽرنگ ڪرڻ آهي. سي پي جي مطابق گوين ايفل پريس فريڊم ايوارڊ ان کان اڳ برٽن بنجماني ميموريل ايوارڊ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پر 2017 ۾ ايوارڊ کي 2016 ۾ انتقال ڪري ويندڙ معروف صحافي ۽ بورڊ جي اڳوڻي ميمبر گوين ايفل سان منسوب ڪيو ويو. پريس فريڊم ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڪجهه مشهور نالن ۾ گارجين جو اڳوڻو ايڊيٽر ان چيف ايلن رسبرڊجر، ايسوسئيٽيڊ پريس (اي پي) جي ڪيٿي گينن ۽ سي اين اين جي ڪرسٽيانا امان پور شامل آهن جن کي ترتيبوار 2012،2015 ۽ 2016 ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو هو. ياد رهي ته هلندڙ سال جي جولاءِ ۾ ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس ڊان جي ايڊيٽر کي گوين ايفل پريس فريڊم ايوارڊ 2019 سان نوازڻ جو اعلان ڪيو هو. سي پي جي طرفان جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو هو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ صحافي ۽ ميڊيا کي وڏو دٻاءُ ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ان دور ۾ ظفر عباس جون سلامتي لاءِ کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ظفر عباس کي 2015 ۾ ايڊيٽرز فار سيفٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو هو جيڪي خطرن کي منهن ڏيندڙ صحافين کي تحفظ فراهم ڪندڙ ايڊيٽرز جي هڪ تنظيم آهي. سي پي جي جي سربراهه ڪيٿلن ڪيرول جو چوڻ هو ته ظفر عباس صحافتي حوصلي جي عملي تصوير آهي ان لاءِ بورڊ ان کي گوين ايفل پريس فريڊم ايوارڊ سان نوازڻ تي بيحد خوش آهي. هن جو چوڻ هو ته هر روز ڊان جي پڙهندڙن تائين حقيقتون پهچائڻ لاءِ ادارن طرفان دٻاءُ، رڪاوٽن سان وڙهندي جيڪي پنهنجي ڪم کي پريس يا عوام جي اسڪروٽني بغير هلائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. واضح رهي ته ظفر عباس پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو آغاز 1981 ۾ ڪراچي جي هڪ اخبار دي اسٽار کان جونيئر رپورٽر طور تي ڪم ڪيو ۽ 2010 ۾ ڊان جي ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون. هن 1988 ۾ هيرالڊ ميگزين ۾ تفتيشي (انويسٽي گيٽو) صحافي طور شموليت اختيار ڪئي ۽ 1992 ۾ برطانوي نشرياتي اداري (بي بي سي) ۾ پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾ شامل ٿيو. 2006 ۾ ڊان جو حصو بڻيو ۽ افغانستان ۾ سوويت دور ۾ بغاوت، گهرو ويڙهه، نائن اليون کان پوءِ پيش ايندڙ واقعن ۽ مذهبي انتهاپسندي سميت خطي تي پوندڙ اثرن کي ڪور ڪيو. ظفر عباس کي صحافتي ڪيريئر ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جسماني تشدد ۽ ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو ان تي ۽ ان جي ڀاءُ تي 1991 ۾ هٿياربند ماڻهن ان وقت حملو ڪيو جڏهن هو متحده قومي موومينٽ جي سرگرمين کي رپورٽ ڪندو هو. ان کان پوءِ جڏهن بي بي سي لاءِ ڪم ڪري رهيو هو ته اسلام آباد ۾ ان جي آفيس کي انتهاپسندن باهه لڳائي ۽ ظفر عباس سميت ان جي ساٿين تي سڌو حملو ڪيو ويو اهو حملو ملڪ ۾ فرقيواريت ۾ مارجي ويندڙن بابت هڪ وڊيو بي بي سي ۾ نشر ٿيڻ جي رد عمل ۾ ڪيو ويو هو. هينئر ويجهڙن سالن ۾ ڊان دٻاءُ جوشڪار رهيو ۽ ان جي اشاعت ۾ 2016 ۾ سول ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ تعلقات جي حوالي سان هڪ رپورٽ شايع ڪرڻ بعد ڪيترن ئي شهرن ۾ خلل وڌو ويو. سي پي جي بيان مطابق ظفر عباس جو چوڻ هو ته ان کي ۽ خبر ڏيندڙ رپورٽر کان خفيه ايجنسين جي عهديدارن طرفان ڪيترائي ڪلاڪ تفتيش ڪئي وئي پر هن خبر جا ذريعا ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. سي پي جي ظفر عباس جو حوالي ڏيندي ٻڌايو ته ايتري قدر جو سياست ۽ سنجيده مسئلن تي بحث ڪرڻ به ريڊ لائن ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو