ڊالر 200 رپيا تائين ويندو،ملڪ ڊفالٽ ٿي سگهي ٿو: شيخ

ڊالر 200 رپيا تائين ويندو،ملڪ ڊفالٽ ٿي سگهي ٿو: شيخ

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊالر 200 رپين جو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ملڪ ڊفالٽ ٿي سگهي ٿو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ ٻه وزيراعظم (نواز شريف ۽ شهباز شريف) آهن. شيخ رشيد چيو ته ناڻي جا ٻه وزير (مفتاح اسماعيل ۽ اسحاق ڊار) آهن.هن اهو به چيو ته ٻه پيٽروليم وزير (خرم دستگير ۽ شاهد خاقان عباسي) آهن. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري چيو هو ته جوبائيڊن فون تي خط جي صورتحال ظاهر نه ڪئي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اهڙي صورتحال ۾ لانگ مارچ آخري انتها هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو