ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪالهه کان آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو اڄ به جاري آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 17 پئسا سستو ٿيڻ بعد 283 رپيا 25 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 284 رپيا 42 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو جيڪو بعد ۾ منفي ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 101 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40 هزار 249 جي سطح تي اچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 40,350 پوائنٽس تي بند ٿيو.










