ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر اوچتو ئي اوچتو پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ هيٺ ٿي ويو آهي.آمريڪي ڊالر اڄ ڪاروبار جي شروعات تي گهٽجي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 15 پئسا سستو ٿيڻ بعد 221 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر آخري واپاري سيشن ۾ 221 رپيا 65 پيسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 392 پوائنٽس وڌي 42658 تي پهچي ويو.صادق ۽ امين ڪير آهي اهو فيصلو عوام ئي ڪري سگهي ٿو، آصف زرداري ۽ فواد جي نااهلي واري درخواست تي تفصيلي فيصلو










