ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر مهانگو ٿيندو پيو وڃي ۽ پاڪستاني رپيو ڏينهون ڏينهن سستو ٿيندو پيو وڃي.آمريڪي ڊالر به اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 221 رپيا 20 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ٽريڊنگ جي پڄاڻي تي ڊالر 220 رپيا 88 پيسا هو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ مثبت شروعات
ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت طور تي ڪاروبار شروع ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 126 پوائنٽس وڌي 42352 تي پهچي ويو.










