ڊالر جي اڏام جاري، 282 رپيا 50 پئسا جو ٿي ويو

ڊالر جي اڏام جاري، 282 رپيا 50 پئسا جو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي اوڳاڙي جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب پاڪستاني رپئي جي قدر هيٺ ٿي رهي آهي.اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ئي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 21 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 282 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 282 رپيا 29 پئسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي منفي شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 58 پوائنٽن جي گهٽتائي کانپوءِ 41 هزار 757 تي اچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 816 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو