ڊالر جي اڏام جاري، 10 پئسا مهانگو

ڊالر جي اڏام جاري، 10 پئسا مهانگو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي اڏام بند ٿيڻ جو نالو نه وٺي رهي آهي، جنهن سان گڏ پاڪستاني رپئي جي لاڳت ۾ گهٽتائي جو سفر به جاري آهي. آمريڪي ڊالر اڄ صبح جي شروعاتي واپار ۾ وڌيڪ حاصل ڪئي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 239 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان
اڄ صبح ڊالر مهانگو ٿيڻ سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 181 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40784 تي اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو