ڊالر جي اڏام جاري، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.آمريڪي ڊالر اڄ ڪاروبار جي شروعات کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ريٽ ۾ 65 پئسا واڌ کانپوءِ ڊالر 283 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 282 رپيا 85 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات کان وٺي مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 235 پوائنٽن جي واڌ سان 42 هزار 87 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41 هزار 874 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو