ڪيپ ختم، ڊالر جي اڏام جاري، في ڊالر255 روپين جو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي ريٽ تي اي ڪيپ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊالر پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي آمريڪي ڊالرمهانگو ٿي 255 رپيا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 230 رپيا 89 پئسا تي بند ٿيو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت 28 جولاءِ 2022 تي هن وقت تائين جي بلند ترين قيمت 239.94 رپيا هئي.مارڪيٽ ذريعن موجب ڊالر وڪرو ڪندڙ 240 کان 252 رپيا مهانگو ٿي رهيا آهن، بئنڪ جيڪي ريٽ ڏئي رهيا آهن ان تي ٽرانزيڪشن نه ٿي رهي آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جا سودا 235 کان 240 رپيا رهيا، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 15 رپيا مهانگو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو