ڊالر بنا بريڪ، انٽر بئنڪ ۾ 270 رپين جو  ٿي ويو

ڊالر بنا بريڪ، انٽر بئنڪ ۾ 270 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ آمريڪي ڊالر جي اونچي اڏام جو سلسلو اڃا بند ناهي ٿيو. اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 37 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 270 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، گذريل ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 269 رپيا 63 پئسا مهانگو ٿي ويو هو
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ مثبت شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 263 پوائنٽن جي واڌ سان 40134 تي پهچي ويو آهي. ڪالهه 100 انڊيڪس 39,871 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو