ڊار نگران وزيراعظم ٿيو ته ٻن سالن تائين چونڊون نه ٿينديون: راجا رياض

ڊار نگران وزيراعظم ٿيو ته ٻن سالن تائين چونڊون نه ٿينديون: راجا رياض

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي نگران وزيراعظم بڻائڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو نگران وزيراعظم بڻيو ته ٻن سالن تائين چونڊون نه ٿينديون. اسحاق ڊار نگران وزيراعظم هئڻ دوران چونڊون ڪرايون وڃن ته چونڊون ڪير به قبول نه ڪندو.ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ اسحاق ڊار بابت خواجا آصف جو بيان به واضح آهي ۽ مسلم ليگ (ن) جو ڪو نالو ظاهر ڪرڻ يا ان تي هلڻ لاءِ مون کي ساڻس صلاح ڪرڻ جي ضرورت ناهي. راجا رياض چيو ته اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان مون کي پنهنجا 3 نالا ڏيڻا آهن، نگران حڪومت جي معاملي تي پهرين آگسٽ تائين وزيراعظم سان ملاقات ڪندس.مخالف ڌر جي اڳواڻن سان مشاورت جي حوالي سان هن چيو ته هو نگران وزيراعظم جي نالي تي جلد مشاورت شروع ڪري رهيا آهن، ٻن ٽن ڏينهن تائين اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون.خواجا آصف جو لاڳاپيل بيان به واضح آهي ۽ ان تي مون سان صلاح ڪرڻ جي ضرورت ناهي ته مسلم ليگ (ن) ڪنهن جو نالو ظاهر ڪري يا ميڊيا تي هلائي.راجا رياض چيو ته اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان مون کي پنهنجا 3 نالا ڏيڻا آهن، نگران حڪومت جي معاملي تي پهرين آگسٽ تائين وزيراعظم سان ملاقات ڪندس.مخالف ڌر جي اڳواڻن سان مشاورت جي حوالي سان هن چيو ته هو نگران وزيراعظم جي نالي تي جلد مشاورت شروع ڪري رهيا آهن، ٻن ٽن ڏينهن تائين اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو