ڀارت خلاف ثبوت گڏيل قومن ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ جي هدايت

ڀارت خلاف ثبوت گڏيل قومن ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ جي هدايت

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي کي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي خطي جي صورتحال، ڀارت پاران ڪوڙن الزامن ۽ سياسي مقصن خاطرڇڪتاڻ وڌائڻ  بابت باقاعدي بريفنگ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل کي ڀارت جي جارحاڻي قدمن بابت آگاهه ڪندو، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي واري ڀارتي غير قانوني قدم تي به آواز اٿاريو ويندو.پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان طرفان واضح ڪيو ويندو ته ڀارت جو جارحاڻو رويو ڪيئن خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي. پڌرائيءَ موجب اهو سفارتي قدم پاڪستان جي عالمي برادري آڏو حقيقتون پيش ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. ياد رهي ته 22 اپريل تي والاريل ڪشمي جي سياحتي مقام پهلگام تي ٿيل حملي ۾ 26 سياح مارجي ويا هئا. جنهن جو سڌي طرح پاڪستان جو نالو نه کنيو ويو پر ڀارتي سرڪار سرحد پار کان دهشتگردي جو الزام هڻندي، سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ، سفارتي عملو گهٽائڻ ۽ سرحدن بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پاڪستان جوابي اپاءَ وٺندي فضائي حدن ۽ هر قسم جي تجارت تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ جنگي ڇڪتاڻ عروج تي آهي. آمريڪا، روس، چين، سعودي عرب ۽ ايران سميت ڪيترا ملڪ جنگ ٽارڻ لاءِ سرگرم آهن. ايران جو پرڏيهي وزير جيڪو ٽياڪڙي جي ڪوشش ۾ آهي تنهن آچر تي نئين دلي ۾ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي آهي ۽ سڀاڻي پاڪستان پهچندو. پاڪستان ڀارت جا سڀ الزام رد ڪندي پهلگام واقعي جي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جو ڀارت اڃا ڪو جواب ناهي ڏنو. ان دوران ڀارتي ميڊيا، ڀارتي عوام مان نريندرا مودي تي تنقيد وڌي وئي آهي ۽ سينئر بي جي پي اڳواڻ مودي ۽ اميت شاهه جي استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي. پارليامينٽ ۾ ڪانگري ۽ بي جي پي ميمبرن جو جهيڙو ٿيو هو. ان دوران ٽيليگرام تي ڀارتي ڳجهي اداري را جو هڪ دستاويز ليڪ ٿيو جنهن ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته پهلگام حملي جي رٿا بندي ڀارتي حڪومت ڪئي هئي. ڀارت جي ڪجهه جرنيلن ۽ هوائي فوج جي سينئر آفيسن کي به مودي عهدن تان هٽائي ڇڏيو آهي. پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته 29 ۽ 30 اپريل جي وچ واري رات ڀارت جي فرانس کان خريد ڪيل 4 رفال جنگي جهازن، جن ۾ جديد ريڊار سسٽم نصب آهي، انهن کي پاڪستان بلاڪ ڪيو هو ۽ پاڪستا ايئرفورس جا جنگي جهاز به تيار هئا، جنهن بعد ڀارتي جنگي جهاز جيڪي انبالا مان اڏيا هئا اهي سرينگر فرار ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو