ڊائلاگ ختم، سليڪٽر کي عوام جو فيصلو مڃڻو پوندو، بلاول

ڊائلاگ ختم، سليڪٽر کي عوام جو فيصلو مڃڻو پوندو، بلاول

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سربراه بلاول ڀٽو زرادري چيو ته لاهور ۾ اسانجي پارٽي جو بنياد رکيو ويو، منهنجي والده ضياءَ الحق خلاف تحريڪ جي شروعات ڪئي. هن چيو ته هي اسانجي شهيد جيالن جو شهر آهي، جن ڪوڙا کاڌا، جيل برداشت ڪيا پر آڻ نه مڃي هئي. هن چيو ته اڄ به اسين هڪ تاريخي موڙ تي آهيون، اوهانجو جوش ڏسي اسان کي منزل نظر پئي اچي ۽ جلد هي سليڪٽد ۽ ڪٺ پتلي حڪمران گهر وڃڻ وارا آهن. هن چيو ته غريبن جي چُلهه بند آهي پر ان جو احساس هنن کي ناهي ڇو ته هو اوهانجي ووٽ سان نه پر ڪنهن ٻئي طريقي سان اقتدار ۾ آيا آهن. هن چيو ته اسين ٻيڙيون ساڙي ميدان ۾ آيا آهيون. هن نعرا هڻايا ته شهباز شريف کي آزاد ڪريو، خورشيد شاهه کي آزاد ڪريو. هن چيو ته اسانجي جنگ اقتدار جي جنگ ناهي، مزدورن ۽ غريبن جي حقن جي جنگ آهي. هن چيو ته هميشه غير جمهوري قوتون جن کي اسين اسٽيبلشمينٽ ۽ سليڪٽر چوندا آهيون، اهي مداخلت ڪن ٿا، جيڪا هاڻي ختم ڪرڻي پوندي. پاڪستاني جمهوريت جي بنيادن ۾ اسانجو خون شامل آهي. هن چيو ته سليڪٽرز ڪن کولي ٻڌو ته اوهانکي عوام جو فيصلو مڃڻو پوندو، ٻيو ڪو رستو ناهي، ڊائلاگ جو وقت گذري چڪو، هاڻي لانگ مارچ ٿيندو ۽ اسين اسلام آباد اچي رهيا آهيون ۽ نا اهل وزيراعظم کان استعيفيٰ وٺنداسين، اوهانکي چئون ٿا ته رابطا نه ڪريو، اوهين غلط فهميون پيدا نٿا ڪري سگهو، اسين سڀ هڪ آهيون ۽ اوهان کي عوام جو فيصلو مڃڻو پوندو ته ووٽ تي ڌاڙو نامنظور، جمهور تي ڌاڙو نا منظور آئين تي ڌاڙو نامنظور.

پهنجو تبصرو موڪليو