ڇڪتاڻ گهٽائڻي آهي ته خان پنهنجو وات بند رکي: خواجا

ڇڪتاڻ گهٽائڻي آهي ته خان پنهنجو وات بند رکي: خواجا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف پي ٽي آءِ جي باني ڪارڪنن کي مفت مشورو ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف ڇڪتاڻ گهٽائڻ چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ باني پنهنجو وات بند ڪن،نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته مجيب الرحمان بابت ٽوئيٽ تان هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هي پهريون ڀيرو آهي جو پي ٽي آءِ کي ڪنهن ٽوئيٽ تان هٿ کڻڻو پيو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جا باني ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهين ٿا، ٻهير 9 مئي وانگر ٻيهر جهڙي ڪوشش ڪري رهيا آهن،اهي اوڀر پاڪستان جي سانحي جو حوالو ڏئي ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهين ٿا. خواجا آصف چيو ته بئريسٽر گوهر واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سوشل ميڊيا ٽيم ٽوئٽ ڪرڻ کان اڳ اجازت نه ورتي هئي، هي پهريون ڀيرو آهي جو پي ٽي آءِ کي اڪائونٽ تان پوسٽ واپس وٺڻي پئي آهي،هن چيو ته مجيب الرحمان جي تاريخ ۽ اوڀر پاڪستان جي سانحي تي منهنجو الڳ موقف آهي.توهان اڄ مشرقي پاڪستان جي سانحي کي وڌاءُ ڪري ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهيو ٿا. خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سياست يا راندين ۾ جن پي ٽي آءِ باني سان چڱائي ڪئي هن سڀن کي ڏنگيو . هاڻ هو جنرل باجوه ۽ جنرل فيض هاڻي اهو سڄو گند اڇلائي رهيا آهن.بچاءَ واري وزير جو اهو به چوڻ آهي ته نواز شريف بني گالا ۾ روڊ ٺاهيو پر پي ٽي آءِ باني انڪار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو