ڇوٽڪو مائنر جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڇوٽڪو مائنر جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) ڄام لغاري شاخ ۽ ڇوٽڪو مائنر جي آباد گارن پاران هٿن ۾ بينر کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آباد گارن ناصر احمد پٺاڻ، محمد اسماعيل ڇٽو، هدايت الله پٺاڻ، حاجي علي شير، محمد علي ٽالپر چيو ته اسان جي ڇوٽڪو مائنر جا 7 ماڊول ۽ ڄام لغاري شاخ جا پنج ماڊول سُڪل آهن انهن ۾ پاڻي بلڪل به نٿو اچي ۽ هڪ سو ايڪڙ جو زميندار ديوين جون ڪاٺيون کپائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري ٿو اسان جيڪا سرنهن پوکي هئي اها سُڪي سڙي تباهه ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪڻڪ جو اسان هڪ ويسو به نه ڪاهي سگهيا آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدار ملڻ لاءِ تيار نه آهن اسان کي صرف اهو چيو وڃي ٿو ته پاڻي جي کوٽ آهي انهي جي ڪري پاڻي نٿو اچي. هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ ته هينئر ٿي آهي پر اسان وٽ ته سالن کان پاڻي نٿو اچي جنهن جي ڪري اسان جي زندگي مشڪلات جو شڪار آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي پنهنجي حق ۽ حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن اسان فصل ڪاهي پنهنجي ٻچن کي تعليم ڏياري سگهون ۽ انهن جون شاديون ڪرائي سگهون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو