ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار)ڊيلٽا ويرينٽ جي ڦهلاءَ ۾ اضافي بعد ڪراچي ۾ مخصوص ڪاروبارن ۽ صنعتن، آفيسن،بازارن، پبلڪ پارڪس، انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ، هوٽلن کي بند ڪرڻ ۽ امتحان ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تاجر تنظيمن پابندين کي رد ڪندي، اعتماد ۾ نه وٺڻ جو الزام هڻندي پابندين تي نظر ثاني جو مطالبو ڪيو آهي. جيتوڻيڪ لاڪ ڊائون واري معاملي تي سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن ۾ اختلاف ٿي پيا پر پوءِ به سنڌ حڪومت مڪمل لاڪ ڊائون بدران مخصوص شعبن ۾ پابندين جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي پر سنڌ حڪومت ڪورونا بابت تاسڪ فورس جي اجلاس ۾ سڀاڻي ڇنڇر کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ سنڌ ۾ سڀاڻي کان 8 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته جيڪو سرڪار ملازم 31 آگسٽ تائين ويڪسين نه ڪرائيندو تنهن کي پگهار نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڪسپورٽ انڊسٽري کليل رهندي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ هفتي کان سرڪاري آفيسون به بند ڪنداسين، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ به بند هوندي، فارميسي کليل رهندي، سڀئي بازارون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته روڊ تي ايندڙ شهرين جا ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪيا ويندا. اپوزيشن جي سمورن ايم پي ايز، ڪاروباري حضرات ۽ ڊاڪٽرن سنڌ حڪومت جي فيصلي جي حمايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ فوج، رينجرز، ڊاڪٽرن ۽ تاجرن جي نمائندن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويوته ڪراچي شهر ۾ 23 سيڪڙو ۽ صوبي ۾ شرح 13.7 ٿي وئي آهي ڪالهه 45 مريض فوت ٿيا، هن وقت صوبي ۾ 39 هزار 958 مريض آهن جن مان 1410 مريض اسپتالن م آهن، 102 مريض وينٽيليٽر تي آهن، 1192 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گھزريل 29 ڏينهن ۾ 469 مريض فوت ٿيا آهن. وڏو وزير 4 وڳي پريس ڪانفرنس ڪندو.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد