سيٺارجا( سجاد علي ڪٻر) ٺري ميرواھ شھر ۾ ڪتا مار مهم نه هلڻ ڪري ڇتن ڪتن جو آزاد وڌي ويو اڄ ٺري ميرواھ ۾ 9 ڄڻن محمد مراد ،جلال الدين .مرڪ .وڪيل احمد مير خان .گل خاتون سرفراز سميت ڪتن جا ڏاڙھيل اسپتال پهتا ان سلسلي ۾ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد خان شر ٻڌايو ته هن اڄ صبح کان ڪتن جا ڏاريل 9 ڄڻا زخمي اسپتال پهتا آھن انهن کي ويڪسين ڪئي آهي گذريل ڏينهن 14 ڪتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيس آيا هئا هن وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٽائون انتظاميا کي ڪتا مار مهم هلائڻ لاءِ چيو آھي ان تي عمل نٿي سگهيو آھي جنهن جي نتيجي ۾ هرروز ڪيترائي ڪيس سامهون اچي رهيا آھن










