پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ متبادل هنڌ فراهم ڪرڻ جو حڪم

پي ٽي آءِ کي جلسي لاءِ متبادل هنڌ فراهم ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته ملڪ معاشي بحران ۽ ڏيوالپڻي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار پاران پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته اسلام آباد جي سمورن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، اسڪول ۽ ٽرانسپورٽ بند آهن، ملڪ ڏيوالپڻي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي.اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته عدالت معيشت تي آبزرويشن ڏيڻ کان پاسو ڪري، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني کي نظر اچي رهيو آهي، ڇا هر احتجاج تي پورو ملڪ بند ڪرڻو پوندو؟ ؟جسٽس اعجاز الاحسن وڌيڪ چيو ته ميڊيا رپورٽن موجب سمورا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن، رستا ۽ ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته مون کي تفصيل جي خبر ناهي، مون کي وقت ڏيو ته معلومات حاصل ڪريان.جسٽس مظاهر نقوي پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل صاحب ڇا توهان کي ملڪ جون حالتون نظر نه ٿيون اچن؟ روڊ بند هجڻ سبب سپريم ڪورٽ جو اڌ عملو پهچي نه سگهيو.اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته توهان اسڪولن جي بندش بابت ميڊيا جي رپورٽن جو حوالو ڏئي رهيا آهيو، ميڊيا جي هر رپورٽ درست ناهي.جسٽس مظاهر نقوي چيو ته اسڪول بند ڪرڻ ۽ امتحان ملتوي ڪرڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته بنيادي طور تي حڪومت ڪاروبار بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته خوني مارچ جو خطرو آهي، خاص ڪري رستن جي بندش خلاف آهي پر عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم ناگزير آهن، رستن جي بندش کي تناظر ۾ ڏٺو وڃي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 12 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو