ليکڪ: نديم فاروق پراچا
1975ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ بابت هڪ وڏي ڪانفرنس منعقد ٿي هئي، جنهن جي سرپرستي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ ڪئي هئي. پاڻ سنڌي هئڻ ڪري، ڀٽو هن ڪانفرنس کي ان پاليسي تبديليءَ جو بنيادي ٿنڀ سمجهندو هو، جنهن تي سندس حڪومت 1972ع کان ڪم ڪري رهي هئي.
هي حڪمتِ عملي 1971ع جي ان صدميدار تجربي مان جنم ورتو، جڏهن بنگالي قومپرستيءَ جي لهر کان پوءِ اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو. وڌيڪ ٽوڙ ڦوڙ کي روڪڻ لاءِ، حڪومت رياستي سطح تي قومي ۽ لساني سڃاڻپ کي پنهنجو بڻائي، پاڪستاني وفاقيت کي مضبوط ڪرڻ چاهيو.
ان منصوبي جو مقصد عليحدگي پسند قومي تحريڪن کي غير اثرائتو بڻائڻ هو، انهن جي نشانين ۽ علامتن کي وسيع قومي فريم ورڪ ۾ ضم ڪري. حڪومت جو ارادو هو ته سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ برادرين جي الڳ ثقافتي اظهار کي وٺي، انهن کي گڏيل پاڪستاني سڃاڻپ جو حصو بڻايو وڃي. ڇو ته پنجاب اڳ ئي سياسي ۽ معاشي بالادستي رکي ٿو، تنهن ڪري رياست پنجابي علائقائيت کي ڪو وڏو خطرو نه سمجهيو. غير پنجابي قومي بيانين کي سرڪاري بيانئي ۾ شامل ڪري، حڪومت انهن مان عليحدگي پسند لاڙا ختم ڪرڻ گهريا.
سنڌ هن سياسي ۽ ثقافتي انجنيئرنگ جي تجربي لاءِ بنيادي ميدان بڻيو هو. جي ايم سيد، جيڪو هڪ نمايان سنڌي قومپرست نظرياتي اڳواڻ هو، سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) لاءِ اهم مخالف طور سامهون آيو. تڪرار 1972ع ۾ تڏهن پنهنجي انتها تي پهتو، جڏهن سيد باضابطه طور سنڌ جي پاڪستان کان الڳ ٿيڻ جو مطالبو ڪيو.
ان عليحدگي پسند لهر کي روڪڻ لاءِ، ڀٽو حڪومت ٻه اهم حڪمتِ عملي وارا قدم کنيا، جن جو مقصد سنڌين کي رياستي ڍانچي ۾ ضم ڪرڻ ه، هڪ وفاقي ۽ صوبائي سرڪاري ادارن ۾ سنڌين لاءِ وڏا روزگار جا موقعا کوليا ويا ۽ ٻيو سنڌي ٻوليءَ کي سڄي سنڌ جي اسڪولن ۾ لازمي مضمون قرار ڏنو ويو، جيڪو ثقافتي سڃاڻپ بابت بنيادي شڪايت جو ازالو هو.
انهن قدمن وسيلي حڪومت جو مقصد جي ايم سيد جي قومپرست مقبوليت کي گهٽائڻ هو، اهو ڏيکاريندي ته سنڌي مفادن جو تحفظ پاڪستاني وفاق اندر ئي ممڪن آهي. ڀٽو حڪومت ان حڪمتِ عملي کي اڳتي وڌائيندي سنڌ جي “صوفي ورثي” ۽ “ماڻهن جي گهڻ رخي (pluralistic) مزاج” کي پڻ پنهنجو بڻايو. دلچسپ ڳالهه اها هئي ته هي بيانيو اصل ۾ سنڌي قومپرستن جو تيار ڪيل هو. حڪومت ان کي صاف ڪري، ان مان عليحدگي پسند پهلو ڪڍي، پاڪستاني قومپرستيءَ جي وسيع فريم ورڪ ۾ شامل ڪيو.
هڪ اڳئين دور ۾، ساڄي ڌر جي اردو پريس اها دعويٰ ڪئي هئي ته “پنجابيت” کي پنجابي کاٻي ڌر جا ماڻهو پاڪستان ۾ اسلام کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
ڀٽو اهو ئي وفاقي ماڊل پٺاڻ ۽ بلوچ قومپرستين تي لاڳو ڪرڻ چاهي پيو، پر 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي فوجي بغاوت سبب سندس ڪوششون اڌ ۾ رهجي ويون. ضياءُ، ڀٽو جي ثقافتي وفاقيت جي جاءِ تي سخت “سياسي اسلام” لاڳو ڪيو—اهڙو نظريو، جيڪو 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان وڃائڻ کان پوءِ فوج اندر زور وٺي رهيو هو. ضياءُ جي حڪمتِ عملي علائقن مطابق مختلف هئي.
هن پٺاڻ ثقافت جي “اسلامي” پاسن کي وڌائي، ان جي وڌيڪ سيڪيولر روپن کي دٻايو. ان سان هڪ رياست نواز، اسلامائيزڊ پٺاڻ سڃاڻپ ٺهي، جيڪا ايندڙ ڏهاڪن ۾ بگڙي، رياست مخالف اسلامي شدت پسندي لاءِ خوراڪ بڻجي وئي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڀٽو حڪومت سان سخت هٿياربند تڪرار کان پوءِ، ضياءُ بلوچ قومپرستي کي ٿڌو ڪرڻ ڏنو، ڇو ته رياست ان کي عارضي طور ڪمزور سمجهيو.
سنڌ ۾، ضياءُ، ڀٽو جي بيانئي کي نئين سر لکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سنڌي لوڪ هيروز ۽ صوفي بزرگن کي “عالِم” قرار ڏيڻ چاهيو، جيڪي مبينا طور شريعت تي ٻڌل رياست لاءِ جدوجهد ڪندا هئا. پر ضياءُ جي اها ڪوشش گهڻي حد تائين ناڪام رهي. ڀٽو جو وفاقي بڻايل سنڌي قومپرستي وارو تصور ئي سنڌ ۾ غالب سياسي ۽ ثقافتي روح رهيو.
2008ع تائين، جڏهن پي پي پي پنجاب ۾ پنهنجي چونڊ بنياد وڃائڻ لڳي، تڏهن پارٽي جي چيئرمين آصف علي زرداري بنيادي حڪمتِ عملي تبديل ڪئي. هن ڀٽو جي صاف ڪيل سنڌي قومپرستي کي پارٽي جي مرڪز ۾ آندو. معاشي قدمن سان گڏ، هن وفاقي سنڌي سڃاڻپ کي جوڙي، پي پي پي ڪراچيءَ کان ٻاهر سڄي سنڌ ۾ مضبوط ۽ ڊگهي مدي واري چونڊ بالادستي قائم ڪئي.
پنجاب پنهنجي ٻولي ڪيئن بحال ڪري ۽ وڌيڪ جامع پاڪستان جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو؟
پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ هڪ اهم تبديلي آئي، جڏهن موجوده وزيراعليٰ، پاڪستان مسلم ليگ-ن جي مريم نواز شريف اعلان ڪيو ته پنجابي ٻولي صوبي جي سڀني اسڪولن ۾ لازمي مضمون هوندي.
هي قدم پنجاب جي سياسي منظرنامي ۾ حڪمتِ عملي واري موڙ کي ظاهر ڪري ٿو، ڇو ته قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي سيٽون پنجاب وٽ آهن. جتي اڳ پي ايم ايل-ن کي پي پي پي کان چئلينج هو، اتي 2013ع کان پوءِ عمران خان جي عوامي پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) سندن اصل مقابلي واري طاقت بڻجي وئي.
پنجابي قومپرستي، جنهن کي اڪثر “پنجابيت” چيو وڃي ٿو، تاريخي طور پي ايم ايل-ن جي سڃاڻپ جو هڪ نرم پهلو رهي آهي، پر ڪجهه اهم دورن ۾ اها کلي سامهون آئي.
1988ع جي چونڊن دوران، نواز شريف علائقائي سڃاڻپ کي کلي طرح استعمال ڪيو. هن پي پي پي کي خالص “سنڌي پارٽي” قرار ڏنو ۽ چيو ته جڏهن پنجاب وارا سنڌي ڀٽن کي ووٽ ڏئي سگهن ٿا، تڏهن سنڌي پنجابي شريفن جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
اهو بيانيو تڪراري هو. حنيف رامي، پنجابي دانشور ۽ پي پي پي جو باني ميمبر، نواز شريف جي بيان کي قوميتي سياست جو “واهيات اظهار” قرار ڏنو. پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته 1980ع واري ڏهاڪي ۾ خود حنيف رامي “پنجابيت” جو زبردست حامي بڻجي اڀريو هو، جنهن کي هن پنجاب جي صوفي ورثي سان ڳنڍيل ترقي پسند سڃاڻپ طور پيش ڪيو.
رامي جو دليل هو ته پنجابي ثقافت ۽ پنجابي ٻولي کي پهرين برطانوي دور ۾ ۽ پوءِ رياست طرفان اردو کي هٿي ڏيڻ سبب، منظم طريقي سان پوئتي ڌڪيو ويو. هن بيانئي جون ذهني جڙون وڌيڪ پراڻيون هيون. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ پنجابي ڪلچرل ڪائونسل ٺاهي وئي، جنهن اسڪولن ۾ پنجابي پڙهائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، پر اها ڪامياب نه ٿي.
لسانيات جي ماهر طارق رحمان موجب، “پنجابي ٻولي تحريڪ” 1960ع واري ڏهاڪي ۾ تيزيءَ سان وڌي. ملڪ جي ٻين قومي تحريڪن وانگر، هن تحريڪ به کاٻي ڌر/ترقي پسند رخ اختيار ڪيو، جنهن سبب رياست سان تڪرار پيدا ٿيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾، ضياءُ جي آمريت دوران، هي تحريڪ ثقافتي تحريڪ مان نڪري کلي سياسي تحريڪ بڻجي وئي.
1985ع ۾ هڪ اهم موڙ آيو، جڏهن 139 عالمن ۽ دانشورن هڪ باضابطه چارٽر تي صحيون ڪيون. سندن مطالبا ان وقت لاءِ انتهائي اهم هئا: هڪ ته پنجابي ٻولي ۽ ادب کي سڀني صوبائي اسڪولن ۾ پڙهايو وڃي ۽ ٻيو ته خاص طور، غير مسلم—خاص ڪري سک برادري—جي پنجابي ادب کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، ته جيئن علائقي جي مڪمل تاريخ محفوظ رهي.
انهن مطالبن وسيلي، تحريڪ ان علائقائي سڃاڻپ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ چاهيو، جيڪا هڪ گڏيل قومي بيانئي جي نالي ۾ دٻائي وئي هئي. ظاهر آهي، ضياءُ حڪومت کي اهو قبول نه هو.
تحريڪ جي عالمن صلاح ڏني ته ان کي پورهيت پنجابين سان گڏجڻ گهرجي، ڇو ته پنجابي اشرافيه ۽ وچولي طبقي پنجابي ٻولي ۽ ثقافت کان ڪناره ڪشي ڪئي هئي. ساڄي ڌر جي اردو پريس وري دعويٰ ڪئي ته “پنجابيت” کي پنجابي کاٻي ڌر جا ماڻهو اسلام کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
ڀٽو جي صاف ڪيل سنڌي قومپرستي، جيڪا پاڪستاني وفاقيت جي تناظر ۾ آندي وئي، پي پي پي کي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ اجاري داري جهڙي چونڊ بالادستي قائم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏني. جڏهن 2024ع ۾ مريم نواز پنجاب جي وزيراعليٰ بڻي، تڏهن پي ايم ايل-ن جي پنجاب ۾ گرفت ڪمزور ٿي رهي هئي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته پارٽي هاڻي معاشي قدمن سان گڏ پنجابي قومپرستي کي پنهنجو بڻائي، پنجاب ۾ پنهنجي مقبوليت ٻيهر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
پر پنجابي قومپرستي ڪڏهن به عليحدگي پسند نه رهي آهي. جيئن زرداري ۽ پي پي پي، ذوالفقار علي ڀٽو جي وفاقي سنڌي قومپرستي کي چونڊ حڪمتِ عملي طور استعمال ڪيو، تيئن ئي پي ايم ايل-ن به پنجابي قومپرستي کي هڪ سياسي حربو بڻائي رهي آهي. پاڪستان ۾ قومي تحريڪون بنيادي طور ترقي پسند رهيون آهن، جيئن صاف ڪيل سنڌي قومپرستيءَ جو مثال ڏيکاري ٿو. اهڙا روپ پاڪستاني وفاقيت سان آسانيءَ سان ڳنڍجي سگهن ٿا ۽ مذهبي يا سياسي شدت پسنديءَ کي به روڪي سگهن ٿا.
اسڪولن ۾ پنجابي ٻولي لازمي قرار ڏئي، مريم نواز ڄڻ پنجابي سڃاڻپ کي وڌيڪ منظم شڪل ڏئي رهي آهي. هي قدم سنڌ ۾ استعمال ڪيل “ڀٽو ماڊل” جهڙو آهي، جنهن وسيلي پي ايم ايل-ن پنهنجي چونڊ بنياد کي علائقائي فخر سان ڳنڍي، پي ٽي آءِ جي عوامي اپيل جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿي—جيتوڻيڪ اها اپيل هاڻي صوبي ۾ آهستي آهستي گهٽجندي پئي وڃي.
مريم نواز جي وزيراعليٰ بڻجڻ وقت، پي ايم ايل-ن هڪ پاسي پي ٽي آءِ ۽ ٻي پاسي بريلوي اسلام پسندن جي دٻاءَ ۾ هئي. اهڙي صورتحال ۾، پنجابي قومپرستي وارو پتو کيڏڻ شايد مريم لاءِ هڪ مناسب ۽ ڪارگر سياسي حڪمتِ عملي ثابت ٿئي. (نوٽ، هي مصمون فرائيڊي ٽائمز ۾ شايع ٿيو جيڪو اسين سندن ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










