لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هر قسم جي رڪاوٽن باوجود ماڻهون وڏي انگ ۾ مينار پاڪستان پهتا، اڄ ٻڌائيندس ملڪ کي ان دلدل مان ڪيئن ڪڍجي. هن موجوده حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان وٽ ملڪ کي موجوده اقتصادي بحران مان ڪڍڻ جو ڪهڙو پلان آهي؟ مان سمجهان ٿو هنن وٽ ڪو منصوبو ناهي. هن اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي ڪيو ته اوهان مون تي ڪراس هنيو آهي ۽ اقتدار م اچڻ نه ڏيندا، پر اهو ته ٻڌايو ته هن ملڪ ڪي تباهي کان بچائڻ لاءِ اوهان ڪهڙو پلان جوڙيو آهي. هن چيو ته اسانجي دور ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪندڙ ٻڌائين ته هنن اسانجي دور کان 100 سيڪڙو مهانگائي وڌيڪ ڇو ڪئي آهي؟ مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڇا قوم مڃيندي ته عمران خان دهشتگرد آهي، منهنجي خلاف قتل، توهين ۽ غداري جا ڪيس آهن. ليول پلينگ فيلڊ جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان جا هٿ ٻڌي اليڪشن ڪرائي وڃي. منهنجي خلاف هنن حڪمرانن ايترا ڪيس ڪيا آهن جو انگ ساڍا ٽي سئو تائين وڃي سگهي ٿو. مون تي دهشتگردي جا 40 ڪيس آهن. اسٽيج تي ٺهيل بلٽ پروف ڪيبن مان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اصل آزادي تڏهن ايندي جڏهن قانون جي بالادستي قائم ٿيندي، طاقتور ۽ ڪمزور سڀ قانون جي نظر ۾ برابر هوندا. پاڪستان ۾ وسيلن جي کوٽ ناهي پر قانون جي بالادستي ناهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، هڪ سازش تحت اسان جي ملڪ تي ڏوهاري مسلط ڪيا ويا.عمران خان چيو ته اڄ اقتدار ۾ ويٺلن کي پيغام ڏنو وڃي ته ڪنٽينررکي رستا بند ڪرڻ ۽ گرفتارين سان عوام جي جذبي کي روڪي نٿا سگهن، ريلي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ خوف ۽ هراس پکيڙيو ويو.اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته هن ٻاهران ماڻهن کي ظلم جي منهن ۾ بيٺل ڏٺو آهي. ٻاهران ماڻهن کي امر المعروف تي هلندي ڏٺو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته اصل آزادي ان قوم کي ملندي آهي جڏهن انصاف هوندو آهي، قانون جي بالادستي مان جيڪا آزادي ملڻ گهرجي ها اها اسان کي نه ملي آهي. بدقسمتي سان اسان لاءِ، جمهوريت پسندن قانون کي پاس ڪرڻ نه ڏنو. عمران خان چيو ته جڏهن قانون جي حڪمراني نه آئي ته هتي جنگل جو قانون هلي رهيو آهي. اهڙو ملڪ جنهن ۾ طاقتور ڪمزور تي ظلم ڪري ٿو، ان کي عوامي جمهوريه نه چئبو آهي. لاهور ۾ مينار پاڪستان تي تحريڪ انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هتي جنگل جو قانون آهي، اسان جي 2 هزار ڪارڪنن کي کنڀيو ويو، اڄ جي حڪمرانن اسان جي دور ۾ 3 مارچ ڪيا، ڪا به ايف آءِ آر نه ٿي، 25 مئي تي جڏهن اسان مارچ ڪيو ته هنن اسانجي ڪارڪنن جي گهرن ۾ گهڙي ويا پوليس ماڻهن کي گرفتار ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب ۾ 30 اپريل تي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پر هنن شڪست ڏسندي چونڊون ملتوي ڪيون. هن چيو ته اسان وٽ ملڪ کي بحرانب مان ڪڍڻ جو پلان آهي، اسين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سيڙپڪاري ۽ قانوني طريقي سان پيسا وطن موڪلڻ لاءِ چونداسين، سمنڊ پار پاڪستاني اسان تي ڀروسو ڪن ٿا، اسين سياحت، معدنيات جي شعبن تي ڌيان ڏئي ايڪسپورٽ وڌائينداسين، اسين ننڍيون صنعتون بحال ڪنداسين، زراعت تي فوڪس ڪري پيداوار وڌائي امپورٽس گهٽ ڪنداسين ۽ تجارتي خسارو گهٽ ڪنداسين.










