سياست مان مداخلت ختم ڪريو، سياستدانن کي غير ضروري سمجهڻ حماقت آهي

سياست مان مداخلت ختم ڪريو، سياستدانن کي غير ضروري سمجهڻ حماقت آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هن وقت پاڪستان پراڪسي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. اها اسانجي جنگ ناهي اسانکي سمجهڻو پوندو، عالمي طاقتن جو اله ڪار نه بڻجڻ گهرجي. مان پڇان ٿو ته ڇا حڪومت کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي؟. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ سياسي ماڻهن جي اهميت ختم کي ختم ڪيو ويو آهي، مان خبردار ٿو ڪريان انهن قوتن کي ته سياستدان ئي مسئلا حل ڪري سگهن ٿا اوهان سياسي معاملن مان مداخلت ختم ڪري، سياستدانن کي بااختيار بڻايو ۽ معاملا سياستدانن جي حوالي ڪيو. سياستدانن کي غير ضروري سمجهڻ حماقت آهي. هن چيو ته حڪومت زوري ٽيڪس گڏ ڪري رهي آهي، هي روڊن تي پهرو ڏئي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ هڪ ئي ڏينهن هٿياربند فوج ۽ عوام تي حملا ٿيا.اسان طاقت سان ڊيل ڪرڻ ۽ انتها تي وڃڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچستان جي عوام جي ڳالهه ڪريو، جڏهن رياست ناڪام ٿيندي آهي ته اتي وڃي صورتحال تي ضابطو آڻبو آهي، هر مسئلي جو حل طاقت سان ناهي نڪرندو. هن چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ هٿياربند لشڪرن جو راڄ آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي ۽ پوري ملڪ ۾ امن امن جي سنگين صورتحال آهي، هي ايوان ان تي غور ڪري حل نه ڪڍندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟  هن چيو ته لاپتا ماڻهن جو وڏو مسئلو آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته انهن جو پتو لڳائي. هن چيو ته هٿ ٺوڪيا ماڻهو ايوانن ۾ آني انهن کان من پسند قانونسازي ڪرائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو الزام افغانستان تي لڳايو پيو وڃي، مان پڇان ٿو ته هي سوين چوڪيون ڇا لاءِ آهن، حملي آورن کي روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو