چڪوال فائرنگ، جوڊيشل انڪوائري لاءِ درخواست داخل

چڪوال فائرنگ، جوڊيشل انڪوائري لاءِ درخواست داخل

لاهور: (دنيا نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چڪوال سي سي ڊي جي فائرنگ واري واقعي جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ متفرق درخواست داخل ڪئي وئي. متفرق درخواست جوڊيشل ايڪٽوزم پينل جي سربراهه محمد اظهر صديق ايڊووڪيٽ پاران داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هانيه جو قتل ڪو ڌار واقعو ناهي پر هڪ سنگين غلطي آهي، سي سي ڊي جي شفافيت جي کوٽ ۽ احتساب جو فقدان نظر اچي ٿو، ان ڪري اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي سهڪار سان جاچ ڪرائي وڃي. داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اعليٰ عدليه جي حاضر سروس يا ريٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو