چيڪ پوسٽ تي خود ڪش حملو ٻن آفيسرن سميت 7 جوان شهيد

چيڪ پوسٽ تي خود ڪش حملو ٻن آفيسرن سميت 7 جوان شهيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ڪيپٽن سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪليئرنس آپريشن ۾ 6 دهشتگرد پڻ مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) موجب اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، چيڪ پوسٽ تي بعد ۾ ڪيترائي آپگهاتي حملا ڪيا ويا، انهن آپگهاتي حملن جي نتيجي ۾ عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي حملن کانپوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف جي اڳواڻي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 دهشتگردن ماريا ويا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف ۽ ڪيپٽن احمد بدر شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل 39 سالن جي ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف جو تعلق ڪراچي ۽ 23 سالن جي ڪيپٽن محمد احمد بدر جو تعلق تله گنگ سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب ٻين شهيدن ۾ حوالدار صابر، نائيڪ خورشيد، سپاهي ناصر، سپاهي راجا ۽ سپاهي سجاد شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب شهيد حوالدار صابر جو تعلق خيبر ضلعي سان آهي، شهيد نائيڪ خورشيد جو تعلق لڪي مروت، شهيد سپاهي ناصر جو تعلق پشاور، شهيد راجا جو تعلق ڪوهاٽ ۽ شهيد سپاهي سجاد جو تعلق ايبٽ آباد سان آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو