ممبئي (شوبزنيوز)بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا ڪرينا ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته کيس اداڪار مڙس سيف علي خان سان شادي ڪرڻ کان ماڻهن منع ڪيو هو.انهن ڏينهن ۾ ڪرينا ڪپور جي هڪ وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي شادي شده زندگي بابت ڳالهائيندي ٻڌي سگهجي ٿي. ڪرينا ڪپور چيو آهي ته مون کي چيو ويو ته سيف سان شادي نه ڪر، تنهنجو ڪيريئر ختم ٿي ويندو، ڪو به شادي شده عورتن سان ڪم ڪرڻ نٿو چاهي.ڪرينا ڪپور چيو ته مون ماڻهن کي چيو ته ٺيڪ آهي، منهنجو رويو اهو هو ته ٺيڪ آهي، ڪو مسئلو ناهي، جيڪڏهن اهي مون سان گڏ ڪم نٿا ڪرڻ چاهين ته مون سان ڪم نه ڪن، جيڪڏهن مون کي ڪم نه مليو ته مان. ”گھر وڃان ٿو، مان ويھي ڪجھ ٻيو ڪندس“.










