چين ۾ ڪورونا وبا جي تازي لهر سبب نيون پابنديون لاڳو

بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) چين جي اختيارين گادي واري شهر بيجنگ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي ڪيتريون ئي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب چين ۾ ڪورونا وبا هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي. اڱاري جي ڏينهن 28 هزار کان وڌيڪ ڪورونا جا مثبت ڪيسز سامهون آيا آهن. گوانگ ڊونگ صوبي ۾ 16 هزار جڏهن ته چونگ فينگ شهر ۾ 6 هزار 300 ڪيسز هڪ ڏينهن ۾ سامهون آيا آهن.چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ به ٻن ڏينهن دوران ڪورونا مثبت ڪيسز جو انگ ٻيڻو ٿي ويو آهي. آچر جي ڏينهن بيجنگ ۾ 620 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي هئي جڏهن ته اڱاري جي ڏينهن اهو انگ ٻيڻي کان به وڌيڪ ٿي 1438 تي اچي ويو آهي.چين دنيا جي سڀني کان وڏين معيشتن ۾ شمار ڪيو ويندڙ واحد ملڪ آهي جتي ڪورونا جي تدارڪ لاءِ سخت ترين پابنديون لڳايون وينديون آهن. ان پابندين ۾ اسنيپ لاڪ ڊائون، وڏي پيماني تي جانچ ۽ لاڪ ڊائون شامل آهن.چين جي اختيارين ڪورونا جي تازي لهر دوران سخت پابندين کان هٽي قدم کڻڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته اختياريون اپريل دوران شنگهائي ۾ 2 مهينن جي ڊگهي لاڪ ڊائون سبب پيدا ٿيندڙ معاشي صورتحال کان بچڻ چاهين ٿا.هوڏانهن گادي واري شهر بيجنگ ۾ اڃان تائين مڪمل لاڪ ڊائون کان پاسو ڪيو ويو آهي پر گهڻن عوامي هنڌن تي داخلا جي لاءِ 24 ڪلاڪ اڳ منفي ٽيسٽ رپورٽ جي پابندي سبب وڏي پيماني تي اسنيپ لاڪ ڊائون ۽ پي سي آر ٽيسٽنگ شروع ٿي وئي آهي.اختيارين شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو گهر تي رهن ۽ ٻين ضلعن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. سياحتي هنڌ، جم ۽ پارڪس بند ڪيا ويا آهن، وڏي پيماني تي عوامي شرڪت جا پروگرام(ڪنسٽرٽس وغيره) ملتوي ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو