اسلام آباد (بيورو) چين پاڪستان جو 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ري فنانس ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته چين سان تقريبن 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي بئنڪ ڊيپازٽ جي ري فناسنگ تي اتفاق ٿي ويو آهي.هن چيو ته چيني بئنڪن جي ڊيپازٽ سان ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي. سندس چوڻ هو ته چين سان قرض واپسي ۾ دير جا شرط به طئي ڪيا ويا آهن، چين کان تمام جلد 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.










