واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ۽ چيني صدر جي ملاقات انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي ۾ ٿي، آمريڪي صدر بائيڊن چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا مقابلي کي تڪرار ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪي سگهن ٿا.وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب آمريڪي صدر ۽ چيني صدر کليل دل سان ترجيحن ۽ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.صدر بائيڊن پنهنجي چيني هم منصب کي چيو ته آمريڪا چين سان مقابلو جاري رکندو، پر مقابلو تڪرار ۾ نه ٿيڻ گهرجي، بائيڊن چيو ته آمريڪا ۽ چين کي مقابلي کي منظم ڪرڻ ۽ لاڳاپا برقرار رکڻ گهرجن.وائيٽ هائوس موجب بائيڊن چيني صدر شي جن پنگ سان يوڪرين ۾ روسي جنگ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ايٽمي جنگ ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجي، ٻنهي اڳواڻن يوڪرين ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي به مخالفت ڪئي.بائيڊن چيني صدر ڏانهن اتر ڪوريا جي اشتعال انگيزيءَ تي به خدشن جو اظهار ڪيو، بائيڊن تائيوان جي معاملي تي چين جي جارحانه قدمن تي به اعتراض اٿاريا.وائيٽ هائوس موجب آمريڪا ۽ چين جي صدرن رابطن لاءِ اهم آفيسرن کي ذميواريون ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.










