ليکڪ : سيد سڪندر مهدي / سنڌيڪار جاويد سولنگي
سن 1989 کان 1997ع تائين دنيا ۾ ٽي اھم واقعه ٿي گذريا آھن۔ پھريون واقعو برلن جي ڀِتِ جو ڪرڻ، ٻيو واقعو سوويت يونين جو ٽٽڻ ۽ ٽيو واقعو ھانگ ڪانگ جو چين کي واپس ملڻ۔ پھريان ٻه واقعه بين الاقوامي طور تي ياد ڪيا ۽ ملايا ويندا آھن۔ شايد ئي ٽئين واقعي کي چين کان ٻاھر ياد رکيو ويندو ھجي۔ اسان ھڪ اھڙي دنيا ۾ رھو ٿا جنھن ۾ علاقائي ڇڪتاڻ جي گھٽتائي ناھي۔

اھڙي صورتحال ۾ چين دنيا کي ڏيکاريو ته ڪھڙي طرح علاقائي ڇڪتاڻ کي پر امن طرح، بامقصد طريقي سان ۽ قديم چين جي عسڪري منصوبه ساز ‘سن زو’ جي ڏنل مشوري تي عمل ڪندي حل ڪري سگھجي ٿو۔ سن زو چيو ھو ته ‘اصل مھارت ھر لڙائي کٽڻ ۾ ناھي، اصل ۾ جنگ کان بغير ئي دشمن کي ھارائڻ ۾ لڪل آھي۔ اڄ کان تقريبن 24 سال پھريان 1جولاء 1997ع جي رات جو بغير ڪنھن گولي ھلائڻ جي چين ھانگ ڪانگ جو قبضو واپس ورتو ۽ ھڪ تاريکي غلطي کي صحيح ڪيو۔
برطانيه 1839ع ۾ چين تي حملو ڪيو ۽ ان حملي جو مقصد ئي ھانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ ھو۔ ان قبضي کي عملي شڪل تڏھن ملي جڏھن چين کي مجبورن چوئنپي معاهدو ( Convention of Chuenpi) تي صحيحون ڪرڻيون پيون ۽ ھانگ ڪانگ کي حملا ڪندڙ جي حوالي ڪرڻو پيو۔ معاھده نينڪنگ ( Treaty of Nanking) تي ٻنهي ڌرين 1842ع تي صحيون ڪيون جنھن کان پوء ھانگ ڪانگ تي برطانيه جو قبضو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو۔ 1898ع ۾ چين ھانگ ڪانگ کي 99 سالن تائين برطانيه کي ‘ليز’ / اوڌر تي ڏڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي۔
1949 جي انقلاب کان پوء چين جي سامھون اھا مشڪل پيش آئي ته ھاڻي ھانگ ڪانگ کي ڪھڙي طرح واپس وٺجي۔ ھانگ ڪانگ جي برطانوي سمنڊ پار علائقي ۾ حثيت چين جي بدنامي جو ذريعو پئي بڻجي ان لاء ته ھي چين جي پنھنجي علائقن تي خود مختياري نه ھجڻ پئي ظاھر ڪري۔ نئين چين طرفان ھي اعلان ڪيو ويو ته ھر اھو معاھدو جنھن تي چين مجبوري ۾ صحيح ڪئي ھئي اھو غير قانوني آھي۔ ان سان گڏ ئي چيني رياست ھانگ ڪانگ کي واپس وٺڻ جو عزم به ورجايو۔ ان عزم جي باوجود چين ھانگ ڪانگ ڏانھن پنھنجي فوج يا ڪوئي لشڪري ٽولو نه موڪليو ڇاڪاڻ ته چين کي اھا خبر ھئي ته جيڪڏھن تڪڙ يا لاپرواھي ۾ ڪوئي قدم کنيو ويو ته برطانوي فوج ان تي حملو ڪري ڏيندي ۽انقلاب جي ذريعي جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو آھي اھو سڀ برباد ٿي ويندو، چين 1997ع تائين ‘ليز’ جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو۔ پھرين جولائي 1997ع تي برطانيه سري عام ھانگ ڪانگ چين جي حوالي ڪري ڇڏيو۔
ھانگ ڪانگ جو چين جي حوالي ٿيڻ بغير ڪنھن شڪ جي ھڪ تاريخي اھميت ر کي ٿو۔ ھي واپسي آسان نه ھئي، ظاھر آھي ته ھانگ ڪانگ سنائي جو ڪوئي سحرا يا سياچن ۾ ڪوئي گليشئر نه ھو جتي دشمني، بربريعت ۽ موت ئي نظر اچي۔ ھانگ ڪانگ سرمايه دار نظام جو محور ھو ۽ اڃ به آھي۔ ھن خطي جي سڀني شراڪتدارن / Stakeholders لاء ھانگ ڪانگ جي ‘اسٽريٽيجڪ’ اھميت ھئي پر اھا ئي ڳالھ ته برطانيه جي ھڪ صدي طويل جبري قبضي جون ڪڙيو ن يادون ڪنھن به قسم جي ڳالهين ۾ رنڊڪ ثابت ٿي پئي سگھيو۔ 1980ع جي ڏھائي ۾ جڏھن ڳالھين جي شروعات ٿي ان وقت چين اڄ وانگر عالمي طاقت نه ھو ۽ 1980ع جي ڏھائي ۾ سردجنگ به جاري هئي۔ سپر پاور (آمريڪا ۽ سوويت يونين) ٻئي چين جي خلاف ھئا۔ آمريڪا جي زير قيادت مغربي خطو نه ئي چين جي لاء ھمدرد ھو ۽ نه ئي ڪنھن به قسم جو تعاون ڪرڻ لاء راضي ھو ۽برطانيه خود ان معاھدي کان ڀڄڻ جا وجھه پيو ڳولھي جنھن ۾ ھن چين کي 1898ع ۾ وڪوڙي ڇڏيو ھو۔ پر چين تمام احتياط کان ڪم ورتو۔ چين برطانيه کي ڪوئي جواز نه ڏنو ۽ برطانيه جي لاء ئي ھن معاھدي کي مشڪل بڻائي ڇڏيو۔ چين ان ڳالھ تي زور ڏنو ته معاھدي جي مطابق برطانيه سن 1997ع ۾ ھانگ ڪانگ ڇڏڻ جو پابند آھي۔

ھي ھڪ حقيقت تي ٻڌل قدم ھيو۔ چين ان ڳالھ جو اندازو اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو ھو ته ھن مسئلي تي سخت رويو اختيار ڪرڻ نقصان ڪار ثابت ٿيندو ۽ برطانيه سان نه ختم ٿيندڙ علائقائي ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي ۽ چين کي ھانگ ڪانگ ڪڏھن به واپس نه ملندو۔ ڇاڪاڻ ته چين جا وڏي وقت تي ٻڌل منصوبه ھئا چين انھن کي قربان ڪرڻ لاء تيار نه ھو۔ ان لاء ئي چين وڏن خطرن کڻڻ کان ۽ ٺاھ ڪرڻ کان نه گھٻرايو۔
مثال طور چين ان ڳالھ تي راضي ٿي ويو ته ھانگ ڪانگ جو نظام ‘ھڪ ملڪ ٻه نظام’ جي اصول تحت ھلايو ويندو ھن سرشتي / نظام مطابق ھانگ ڪانگ کي اڳئين 50 سالن جي لاء خارجي ۽ دفاعي معاملن کان سواء ھر لحاظ کان خودمختياري ھوندي۔ چين ان ڳالھ تي به راضپو ڏيکاريو ته ھانگ ڪانگ جي حيثيت خصوصي انتظامي علائقي واري ھوندي جنھن جو پنھنجو قانوني نظام ھوندو، ھڪ کان وڌيڪ سياسي جماعتون ھونديون ۽ ھتي ماڻھن کي گڏ ٿيڻ ۽ اظھاري خيال جو حق ملندو۔ ھانگ ڪانگ حاصل ڪرڻ کان پوء، چين ھن جزيري / ٻيٺ کي ملڪ سان ڳنڍڻ لاء کوڙ سارا قدم کنيا۔ خير ھي ڳالھ واضع آھي ته آمريڪا چين جي طرفان عالمي اثر وڌڻ ۾ چين جي لاء رڪاوٽ پيدا ڪندو رھندو ۽ چين کي ڪمزور، ان جي سياسي معاشي نظام کي نقصان پھچائڻ لاء ھانگ ڪانگ کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو۔ اھا ڳالھ به واضع آهي ته چين جي مستقبل جي لڙائي ھانگ ڪانگ ۾ ئي وڙھي ويندي۔ (هي مضمون 2 جولاءِ تي ڊان انگريزي ۽ 3 جولاءِ تي ڊان اردو ويب سائيٽ تي شايع ٿيو جنهن جو ليکڪ سيد سڪندر مهدي آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽي جي بين الاقوامي شعبي جو سربراهه به رهي چڪو آهي. هي مضمون سنڌيار جي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ جاويد سولنگي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو…ادارو). jawaid1_solangi@yahoo.com










