اسلام آباد(بيورو)وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته شي جن پنگ چين جو سڀ کان سرگرم ۽ بهترين شخصيت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هُن ايف ايم 98 دوستي چينل سميت ٻين ادارن کي ڏنل انٽرويوز ۾ ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪ ٻئي جا مضبوط دوست آهن جن جا لاڳاپا 7 ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي کان وقت جي امتحان تي بيٺل آهن هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ جي ملڪ جي قيادت سنڀالڻ کانپوءِ اهي لاڳاپا هاڻي نئين بلندين تي پهچي ويا آهن، جنهن پنهنجي ويجن ۽ خيالن سان نه رڳو پاڪستان پر خطي ۽ دنيا ۾ ترقي، امن ۽ گڏيل مفاهمت کي هٿي ڏني آهي، لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪافي موقعا فراهم ڪيا وزيراعظم چيو ته پاڪستان يقينن پهريون ملڪ آهي جنهن ون بيلٽ ون هاءِ وي منصوبي مان فائدو حاصل ڪيو، جنهن تحت سي پيڪ منصوبن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي هن چيو ته سي پيڪ جي ڪري پاڪستان جي ڊگهي ضرورتن جهڙوڪ توانائي ۽ روڊ انفراسٽرڪچر تي مڪمل ڌيان ڏنو ويو آهي جنهن سان پاڪ چين لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري آئي آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي پڻ هٿي ملي آهي وزيراعظم چيو ته انهن قدمن سان پاڪستان جي عوام کي اهم فائدا پهچايا آهن، جڏهن ته سي پيڪ سڄي خطي کي ترقي جو شاندار موقعو فراهم ڪندو هن چيو ته پاڪ چين دوستي هاڻي نئين بلندين تي پهچي چڪي آهي جنهن جو اڳ تصور به نه ڪيو ويندو هو، اپريل 2015ع ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزير اعظم نواز شريف وچ ۾ سي پيڪ معاهدو ٿيو، ان وقت پاڪستان جي صنعت ۽ زراعت سخت لوڊشيڊنگ سبب تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي هئي هن چيو ته معاهدي تي صحيحن جي صرف ٻن سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪوئلي، پاڻي ۽ ٻين ذريعن مان توانائي حاصل ڪرڻ جا وڏا منصوبا ٺاهيا ويا، جنهن سان بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ وڏي مدد ملي آهي وزيراعظم چيو ته مقامي ڪوششن تحت پاڪستان گيس سان هلندڙ پاور پلانٽس جي لڳائڻ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اڄ اسان بجلي جي پيداوار ۾ خود ڪفيل ٿي ويا آهيون شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي دوري کي شاندار قرار ڏيندي چيو ته 1921ع ۾ پنهنجي قيام کان وٺي لانگ مارچ ۽ ان کان پوءِ شروعاتي سالن ۾ برابري واري سماج جي حاصلات ۽ مخالفن تي غالب اچڻ لاءِ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ هڪ انتهائي مشڪل سفر هو، مائو زي تنگ جي اڳواڻي ۾ شاندار هو، جنهن زندگيءَ جي انهن سڀني ڏکين چئلينجن کي منهن ڏنو، وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين 800 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ هڪ شاندار ڪاميابي آهي










