بيجنگ(ايڊيٽر ڊيسڪ)چين جي نارٿ ويسٽ نارمل يونيورسٽي جي محققن، گانسو زولونگ ٽيڪنالاجي جي ماهرن سان گڏجي، ڪاربان-14 جي آئسوٽوپ ۽ سليڪون ڪاربائيڊ (SiC) ٽرانسڊيوسر تي ٻڌل نئين نسل جي نيوڪليئر بيٽري تيار ڪئي آهي. هي نئين بيٽري نه رڳو پنهنجي اڳوڻي ماڊل کان وڌيڪ طاقتور آهي، پر ان کي مڪمل طور تي چين اندر مقامي ٽيڪنالاجي سان به تيار ڪيو ويو آهي.
نيوڪليئر بيٽري، جنهن کي ريڊيو آئسوٽوپ يا ايٽمي بيٽري پڻ چيو ويندو آهي، پنهنجي اندر موجود ريڊيو ايڪٽو مادي جي قدرتي ٽٽڻ (Decay) مان پيدا ٿيندڙ توانائي کي بجلي ۾ تبديل ڪندي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن ريڊيو ايڪٽو آئسوٽوپن جي اڌ عمر ڪيترن ئي ڏهاڪن، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن صدين تائين هوندي آهي، تنهن ڪري نيوڪليئر بيٽريون عام ڪيميائي بيٽرين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي عرصي تائين ڪم ڪري سگهن ٿيون.
انهيءَ ڪري اهي خلائي جهازن، ڏورانهن علائقن ۾ لڳايل ماحولياتي سينسرن ۽ مناسب ريڊيو ايڪٽو مواد سان تيار ڪيل طبي امپلانٽن لاءِ انتهائي ڪارائتيون سمجهيون وڃن ٿيون. آمريڪي خلائي اداري ناسا 1977ع ۾ وايوجر خلائي مشنن ۽ 2012ع ۾ مارس ڪيوراسٽي روور ۾ نيوڪليئر بيٽرين جو استعمال ڪيو هو، جڏهن ته چين پڻ پنهنجي چينگ’e-3 ۽ چينگ’e-4 قمري روورن ۾ اهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري چڪو آهي.
چين جي تازي ڪاميابي سندس ان حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن جو مقصد وڌيڪ ننڍيون، وڌيڪ طاقتور ۽ صنعتي ضرورتن لاءِ موزون نيوڪليئر بيٽريون تيار ڪرڻ آهي.
اڳوڻي ماڊل کان وڌيڪ بهتر
نارٿ ويسٽ نارمل يونيورسٽي جي تحقيقاتي ٽيم 2024ع ۾ ڪاربان-14 تي ٻڌل پنهنجي پهرين نيوڪليئر بيٽري تيار ڪئي هئي، جنهن جو نالو “ڪينڊل ڊريگن-1” (زولونگ-1رکيو ويو هو. نئين نسل جي بيٽري، جنهن کي چيئن جِي يُوان تيئن شو “Qianjiyuan Tianshu” نالو ڏنو ويو آهي، ان ۾ ريڊيو ايڪٽو مادي جو استعمال صرف 22 سيڪڙو تائين محدود رکيو ويو آهي، جڏهن ته وولٽيج يا استحڪام ۾ ڪا تبديلي آڻڻ کان سواءِ ان جي طاقت کي 2.6 ڀيرا وڌايو ويو آهي.
پروجيڪٽ جي سربراهه سو ماوگين موجب، اڳوڻن ماڊلن ۾ گهٽ طاقت، ناقص انضمام ۽ وڌيڪ لاڳت جهڙا مسئلا موجود هئا، تنهنڪري ٽيم اهڙي بيٽري تي ڌيان ڏنو جيڪا ننڍي، طاقتور، گهٽ خرچ واري ۽ مڪمل طور چين ۾ تيار ٿيل هجي.
تحقيقاتي ٽيم موجب ’چيئن جِي يُوان تيئن‘ شو ۾ زولونگ-1 جي ڀيٽ ۾ پنج اهم واڌارا ڪيا ويا آهن. انهن ۾ وڌيڪ موزون ريڊيو ايڪٽو ذريعو، ٽي-رخي اسٽيڪڊ ڊيزائن، جيڪا جاءِ بچائي ٿي ۽ حصن جي بهتر انضمام کي يقيني بڻائي ٿي، شامل آهن. ان کان علاوه مائڪرو پاور مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اندروني سينسر بيٽري کي پاڻمرادو هلائڻ جي صلاحيت ڏين ٿا.
بيٽري جي ڪارڪردگي ۾ اهم واڌ چين ۾ تيار ڪيل سليڪون ڪاربائيڊ ٽرانسڊيوسر جي استعمال سان حاصل ڪئي وئي آهي.
’چيئن جِي يُوان تيئن شو‘ جون خاصيتون
هي نئين نسل جي بيٽري جسامت ۾ صرف لڳ ڀڳ 16.8 ڪعبي سينٽي ميٽر آهي. ان ۾ 129 ملي ڪيوري ڪاربان-14 استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو 0.713 مائيڪرو ايمپيئر جو ڪرنٽ، 2.06 وولٽ وولٽيج ۽ وڌ ۾ وڌ 1.13 مائيڪرو واٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو.
روايتي نيوڪليئر بيٽرين ۾ عام طور ريڊيو ايڪٽو مادي مان نڪرندڙ گرمي کي ٿرمو اليڪٽرڪ مواد ذريعي بجلي ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي، پر اهي نظام وڏا هوندا آهن ۽ انهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي گرمي جي ضرورت پوندي آهي.
ان جي ابتڙ چيئن جِي يُوان تيئن شو ۾ ريڊيو ايڪٽو ٽٽڻ دوران خارج ٿيندڙ بيٽا ذرڙن يا اليڪٽرانن کي سڌو سنئون سليڪون ڪاربائيڊ سيميڪنڊڪٽر ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي، جتي اهي بنا ڪنهن وچولي مرحلي جي سڌو برقي ڪرنٽ پيدا ڪندا آهن.
محققن جو چوڻ آهي ته هي بيٽري ڪم ڪرڻ جي لحاظ کان سولر پينل جهڙي آهي، فرق صرف ايترو آهي ته سولر پينل روشني مان توانائي حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته هي بيٽري ريڊيئيشن مان بجلي پيدا ڪري ٿي.
محققن موجب، جيتوڻيڪ بيٽري جي جسامت ۾ صرف 17 سيڪڙو گهٽتائي آندي وئي، پر ان جي حجمي طاقت جي ڪثافت (Volumetric Power Density) ۾ لڳ ڀڳ 15 ڀيرا اضافو آندو ويو.
رپورٽ موجب، ڪاربان-14 جي اڌ عمر 5,730 سال هجڻ سبب هن نيوڪليئر بيٽري جي نظرياتي عمر به هزارين سالن تائين ٿي سگهي ٿي. (هي اسٽوري چائنا مارننگ پوسٽ ۾ شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










