بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چيني محققن دنيا جي پهرين “آل-فريڪئنسي” 6G چِپ تيار ڪئي آهي، جيڪا موبائل انٽرنيٽ جي 100 گيگا بائيٽس في سيڪنڊ کان وڌيڪ اسپيڊ ڏئي سگهي ٿي، آمريڪا جي ٻهراڙين ۾ جيتري انٽرنيٽ جي اسپيڊ آهي ان کان 6 هزار ڀيرا وڌيڪ تيز انٽرنيٽ سروس مهيا ڪري سگهي ٿي. ساؤٿ چائنا مارننگ پوسٽ (SCMP) جي رپورٽ موجب۔ هي وڏي ڪاميابي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڊجيٽل فاصلو گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇوته اها سڄي وائرليس اسپيڪٽرم تي ڪوريج مهيا ڪري سگهي ٿي. بيجنگ يونيورسٽي ۽ سٽي يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ جي سائنسدانن جي ٽيم، 0.5 GHz کان 115 GHz تائين سمورو اسپيڪٽرم هڪ نَنڍي سائيز واري چِپ ۾ گڏ ڪيو آهي۔ عام طور تي اهڙي ڪوريج لاءِ 9 الڳ ريڊيو سسٽمن جي ضرورت پوندي هئي. هي چِپ، جيڪا رڳو 11mm × 1.7mm ماپ رکي ٿي، ملي ميٽر-لهر ۽ ٽيرا هرٽز ڪميونيڪيشن کي گھٽ فريڪئنسي مائيڪروويئو بينڊس سان گڏائي ٿي. ان سان اهڙو نظام تيار ٿيو آهي جيڪو ڳوٺاڻن علائقن لاءِ ڊگھي رينج ڪوريج ۽ هاءِ اسپيڊ ايپليڪيشنز لاءِ بنا رڪاوٽ سوئچ ڪري سگهي ٿو. پروفيسر وانگ زنگ جن (Wang Xingjun) بيجنگ يونيورسٽي مان چيو: “6G جي ترقيءَ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي تڪڙي ضرورت آهي۔ جيئن ڳنڍيل ڊوائيسز جو استعمال تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ايندڙ نسل جي نيٽ ورڪ کي مختلف فريڪئنسي بينڊس جي طاقت مان فائدو وٺڻو پوندو.” هن چيو ته وڏي فريڪئنسيز: وڏو بينڊوڊٿ ۽ تمام گهٽ ليٽنسي ڏين ٿيون، جيڪي ورچوئل رئيالٽي ۽ سرجري جھڙين ايپليڪيشنن لاءِ فائديمند آهن. گھٽ فريڪئنسيز: ڊگھي فاصلي جي ڪوريج ڏين ٿيون، جيڪي پهاڙي علائقن، سمنڊ جي ھيٺان ۽ خلا تائين پهچڻ لاءِ اهم آهن. فوٽونڪس تي ٻڌل ٽيڪنالاجي روايتي وائرليس ڊوائيسز محدود فريڪئنسي تي ڪم ڪن ٿيون، جنهن سان خرچ ۽ پيچيدگي وڌي ويندي آهي. محققن ان رڪاوٽ کي ٽوڙڻ لاءِ فوٽونڪ-اليڪٽرانڪ فيوژن استعمال ڪيو. براڊ بينڊ اليڪٽرڪ-آپٽڪ ماڊيوليٽر وائرليس سگنلن کي آپٽيڪل سگنلن ۾ تبديل ڪري ٿو. اهي سگنل فوٽونڪ جزن ذريعي پروسيس ٿين ٿا، ۽ ٽيون ايبل ليزرز جي مدد سان فريڪئنسي مڪسنگ ذريعي منتقل ٿين ٿا. سڀئي فنڪشنل حصا هڪ نَنڍي چِپ ۾ گڏ ڪيا ويا آهن۔ ٽيسٽن ۾ سڄي اسپيڪٽرم تي ڪميونيڪيشن جو معيار مستحڪم رهيو. سسٽم 6 GHz فريڪئنسي ٽيوننگ صرف 180 مائيڪرو سيڪنڊ ۾ حاصل ڪئي – جيڪا اک ڇنڀڻ کان به سَينين ڀيرا تيز آهي. ان جو ڊيٽا ريٽ 100 Gbps کان به وڌي ويو۔ مقابلي ۾، آمريڪا جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ اوسط موبائل اسپيڊ رڳو 20 Mbps آهي۔.گوانگ مينگ ڊيلي مطابق: “هي نظام 0.5 کان 115 GHz جي ڪنهن به فريڪئنسي تي تيزيءَ، درستگيءَ ۽ بغير شور جي ڪميونيڪيشن سگنل ٺاهي سگهي ٿي.” چِپ ۾ فريڪئنسي-نيويگيشن به موجود آهي، جيڪا مداخلت (Interference) ٿيڻ وقت صاف چينل ڏانهن پاڻمرادو شفٽ ٿي وڃي ٿي۔ پروفيسر وانگ چينگ چيو: “جيڪڏهن ڪو بينڊ بلاڪ ٿئي، ته سسٽم فوري طور صاف چينل ڏانهن جمپ ڪري وٺي ٿو، جيئن ڪو ماهر ڊرائيور ٽرئفڪ ۾ بغير رڪاوٽ لين مٽائي.”
اي آءِ لاءِ تيار ۽ گهڻ مقصدي استعمال
پروفيسر شو هاووين (Shu Haowen) بيجنگ يونيورسٽي مان چيو ته ڊوائيس گهڻ مقصدي پروگرام ايبلٽي ۽ ڊائنامڪ فريڪئنسي ايڊجسٽمينٽ مهيا ڪري ٿي، جيڪا سائيز، پاور ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ توازن پيدا ڪري ٿي. اهو ڪنسرٽس يا اسٽيڊيمز جھڙن علائقن ۾ فائديمند آهي، جتي هزارين ڊوائيسز هڪ ئي وقت ڳنڍيل رهن ٿيون. پروفيسر وانگ زنگ جن وڌيڪ چيو: “هي چِپ پهريون ڀيرو حقيقي AI-native network لاءِ هارڊويئر جو بنياد تيار ڪري ٿي، جيڪو بلٽ-اِن الگورٿمز ذريعي پاڻمرادو رابطو يعني ڪميونيڪيشن پيراميٽرز ايڊجسٽ ڪري سگهي ٿو، پيچيده اليڪٽرومئگنيٽڪ ماحول ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي، ۽ ساڳئي وقت حقيقي ماحولياتي سينسنگ به ڪري سگهي ٿي۔” هاڻي محققن جو مقصد آهي ته اهڙا پلگ-اين-پلي ڪميونيڪيشن ماڊيولز تيار ڪن، جيڪي يو ايس بي اسٽڪ کان وڏا نه هجن۔ اهي اسمارٽ فونز، بيس اسٽيشنز، ڊرونز ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگز (IoT) ڊوائيسز ۾ لڳائي سگهجن ٿا، جنهن سان لچڪدار ۽ ذهين 6G نيٽ ورڪ جي اچڻ جي رفتار وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.










