لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چيني اسڪينڊل ۾ احتساب جو عمل بغير ڪنهن فرق جي جاري رکيو ويندو.وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ بنيادي ضرورت جي قيمتن بابت اجلاس ۾ آفيسرن طرفان آگاهه ڪيو ويو.ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان هدايت ڪئي ته زخيرو ڪري قيمتون ۾ اضافو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.شگر مافيا بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چيني اسڪينڊل ۾ احتساب جو عمل بغير ڪنهن فرق جي جاري رکيو ويندو.
مشهور خبرون










